اسلام آباد – 11 – مئي (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي ??جلاس ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي ??طي ۾ امن ۽ خوشحالي جي لاءِ پاڪستان جي ويزن کي اجاگر ڪيو. پرڏيهي وزير اجلاس ۾ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته هڪطرفي ۽ غيرقانوني قدم عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي ??لامتي ڪائونسل جي قراردادن جي ??لاف ورزي ۽ شنگهائي تعاون تنظيم جي مقصدن جي منافي آهي. پرڏيهي آفيس جي ??رجمان ممتازه زهره بلوچ هفتيوار پريس بريفنگ ۾ چيو ته پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ڀارت جي ??هر گووا ۾ ايس سي او پاران پ??ڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي ??جلاس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪئي. اجلاس جي ??يجنڊا ۾ علائقائي سلامتي، اقتصادي تعاون ۽ رابطن جي مسئلي سان گڏوگڏ عالمي اقتصادي ۽ سياسي اڳڀرائي تي شنگهائي تعاون تنظيم جي موقف تي ڳالهه ٻولهه شامل هئي. ترجمان چيو ته پرڏيهي وزير شنگهائي تعاون تنظيم جي ??جلاس ۾ امن ۽ خوشحالي جي لاءِ پاڪستان جي موقف کي اجاگر ڪيو ۽ خطي ۾ موثر ٽرانسپورٽ، ڪوريڊورز ۽ ڀروسي جي قابل سپلائي چين جي ??عمير جي ??جويز پيش ڪئي. ان سان گڏوگڏ هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته سي پيڪ علائقائي رابطن جي لاءِ هڪ قوت ثابت ٿي سگهي ٿو. ترجمان وڌيڪ چيو ته پرڏيهي وزير دهشتگردي جي لعنت جي ??اتمي لاءِ جامع ۽ اجتماعي موقف تي زور ڏنو ۽ چيو ته سفارتي پوائنٽ اسڪورنگ جي لاءِ دهشتگردي کي هٿيار نه بڻائڻ گهرجي. هن ڄاڻي واڻي اشتعال انگيز ۽ نفرت تي اتساهڻ جي ??ه مذمت ڪئي ۽ فاشسزم جي ??لاف گڏيل جدوجهد تي زور ڏنو. پرڏيهي آفيس جي ??رجمان پ??ڏيهي وزير ايس سي او جي ??جلاس جي موقعي تي چين، روس، قزاقستان، ازبڪستان، تاجڪستان ۽ ڪرغزستان جي هم منصبن ۽ شنگهائي تعاون تنظيم جي ??يڪريٽري جنر?? سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. هن چيو ته پرڏيهي وزيرن جي ??جلاس پاڪستان کي شنگهائي تعاون تنظيم سان پنهنجي ڳانڍاپي جو مظاهرو ڪرڻ ۽ اهم علائقائي ۽ عالمي مسئلن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پنهنجو ويزن پيش ڪرڻ جو اهم موقعو فراهم ڪيو. ترجمان چيو ته 2017ع ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جو ميمبر بڻجڻ کانپوءِ پاڪستان ايس سي او جي ??ڀني سرگرمين ۾ فعال ۽ تعميري طور تي حصو ورتو آهي ۽ ان شنگهائي تعاون تنظيم جي گهڻ رخي شعباجاتي ايجنڊا جي پيروي ۾ تعاون وڌائڻ جي لاءِ ڪم ڪيو آهي.