اسلام آباد – 16 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ??ريف پرڏيهي و??ارت کي ڊاڪٽر عافيه جي خيريت ۽ ان جي جلد آزادي جي لاءِ آمريڪي حڪومت سان گڏوگڏ واشنگٽن ۾ پاڪستاني مشن سان مڪمل طور تي رابطي ۾ رهڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز ??ريف سان ڊاڪٽر عافيه صديقي جي ڀيڻ ڊاڪٽر فوزيه صديقي ملاقات ڪئي. هن وزيراعظم جا ٿورا مڃيندي حڪومت پاران ڊاڪٽر عافيه جي ڀلائي جي لاءِ کنيل قدمن کي ساراهيو ۽ درخواست ڪئي ته حڪومت ڊاڪٽر عافيه جي جلد آزادي جي لاءِ پنهنجي ڪوششن کي وڌائي. وزيراعظم ڊاڪٽر فوزيه صديقي کي پاڪستان حڪومت پاران مڪمل تعاون جو يقين ڏياريندي پرڏيهي و??ارت کي ڊاڪٽر عافيه جي خيريت ۽ ان جي جلد آزادي جي لاءِ آمريڪي حڪومت سان گڏوگڏ واشنگٽن ۾ پاڪستاني مشن سان مڪمل طور تي رابطي ۾ رهڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم ڊاڪٽر عافيه جي لاءِ انصاف حاصل ڪرڻ ۾ ڊاڪٽر فوزيه جي ڪيترن ئي ??ال?? کان اڻٿڪ ڪوششن کي ساراهيو ۽ ڊاڪٽر عافيه جي صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. ياد رهي ته اڳوڻي و??يراعظم محمد نواز ??ريف به ڊاڪٽر عافيه جي آزادي جي لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪئي هئي.