اسلام آباد – 10 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چين جي صدر شي جن پنگ کي متفقه طور تي ٻيهر صدر چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني آهي. هڪ ٽوئيٽ ۾ صدر چيو ته پاڪ چين ڀائيچارو مض??وط کان مض??وط تر ٿيندو پيو وڃي، چين جي ويجهي دوست ۽ حصيدار طور تي اسان صدر شي جن پنگ سان گڏجي ڪم ڪرڻ جا منتظر آهيون ته جيئن ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي نئين بلندين ت??ئين وٺي وڃي سگهجي.