اسلام آباد – 28 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اميد ظاهر ڪئي آهي ته ايشيائي ترقياتي بئنڪ (اي ڊي بي) معاشي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي ??اءِ پاڪستان سان پنهنجي ??ضبوط حصيداري جاري رکندي، آءِ ايم ايف پروگرام تحت 9 هون جائزو ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ مڪمل ٿيڻ جي اميد آهي، پاڪستان پروگرام ۾ طئي ٿيل سڌارن کي مڪمل ڪرڻ جي ??اءِ پرعزم آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن چين، جاپان ۽ ڏکڻ ڪوريا جي ايشيائي ترقياتي بئن?? جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽرز جي ??فد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. اي ڊي بي جي ??فد جي آجيان ڪندي وزيراعظم پاڪستان سان اي ڊي بي جي ??راڻي وابستگي ۽ پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ هڪ قا??ل اعتماد حصيدار هجڻ تي ٿورا مڃيا. وزيراعظم 2022ع جي ??وڏ جي ڏس ۾ اي ڊي بي جي ??راخداڻي مدد کي ساراهيو، ان ۾ هنگامي امدادي گرانت، آفتن کانپوءِ جي ضرورتن جو اندازو ۽ جنيوا ۾ ڪلائميٽ ريزيليئنس ڪانفرنس دوران ڪيل واعدا شامل هئا. وزيراعظم پاڪستان جي اهم اقتصادي شعبن خاص طور تي ٽرانسپورٽ، توانائي، موسمياتي تبديلي ۽ سماجي شعبي ۾ اي ڊي بي جي سيڙپڪاري کي ساراهيو. هن اميد ظاهر ڪئي ته اي ڊي بي مل?? جي معاشي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي ??اءِ پاڪستان سان پنهنجي ??ضبوط حصيداري جاري رکندي. ??فد کي ٻڌايو ويو ته آءِ ايم ايف پروگرام تحت نائُون جائزو ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ مڪمل ٿيڻ جي اميد آهي جيڪو عملي جي سطح جي ??عاهدي سان اڳتي وڌي رهيو آهي. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان پروگرام ۾ طئي ٿيل سڌارن کي مڪمل ڪرڻ جي ??اءِ پرعزم آهي. ايشيائي ترقياتي بئن?? جي ??فد تازي ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي جي ??ڏي چئلينجن کي منهن ڏيڻ ۾ حڪوم?? جي ڪوششن تي پنهنجي گهري اطمينان جو اظهار ڪيو. هن پاڪستان جي اقتصادي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي ??اءِ اي ڊي بي سان گڏجي ڪم جاري رکڻ جي عزم جي تجديد ڪئي. ملاقات ۾ اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير سردار اياز صادق ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا.