اسلام آباد – 22 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هدايت ڪئي آهي ته اسلام آباد جي ڳوٺاڻن علائقن جي رهواسين کي بهترين ??هولتون فراهم ڪيون وڃن، اسلام آباد ۾ جاري ترقياتي ڪمن تي 24 ڪلاڪ ڪم يقيني بڻا??و وڃي، هر منصوبي جي ٿرڊ پارٽي ويليڊيشن يقيني بڻائي وڃي، اسلام آباد ۾ سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ جي ٺوس نظام جي تعارف جي حوالي سان ??ي ڊي اي رپورٽ پيش ڪري، اسلام آباد ۾ پارڪنگ جا مسئلا فوري طور تي حل ڪيا وڃن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ??اري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ اسلام آباد ۾ جاري ترقياتي منصوبن تي جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾و زيراعظم اسلام آباد جي ڳوٺاڻي علائقن جي ترقي ۽ انفراسٽرڪچر جي حوالي سان پڻ تفصيل طلب ڪيا. وزيراعظم جي سمنڊ پار پاڪستانين ??ي لاءِ سي ڊي اي جي منصوبن کي تيز رفتاري سان مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته سمنڊ پار پاڪستانين ??ي لاءِ جاري منصوبن کي عالمي معيار تي تعمير ڪ??و وڃي، سمنڊ پار پاڪستانين ??ي لاءِ منصوبن کي شفاف ۽ طريقيڪار آنل ائين ??ڻا??و وڃي، سمنڊ پار پاڪستانين کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ هر قسم جي سهولت فراهم ڪئي وڃي. وزيراعظم اسلام آباد ۾ ترقياتي منصوبن تي ڪم جي رفتار کي تيز ڪرڻ ۽ عوامي منصوبن کي ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪرڻ جي لاءِ جائزه ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي. وزيراعظم کي ٻڌا??و ويو ته اسلام آباد جي ڳوٺاڻي علائقن جي ترقي جي لاءِ سي ڊي اي 10 ارب رپين ??ي رقم رکي آهي جنهن سان ??الڊ ويسٽ مئنيجمينٽ، سيوريج جو نظام ۽ رستن جي تعمير ۽ بحالي ۽ پبلڪ ٽرانسپورٽ جون اسڪيمون مڪمل ڪيون وينديون. اجلاس کي بهاره ڪهو باءِ پاس، سيونٿ ايونيو انٽرچينج، مارگلا اوينيو، 11 ايوينيو، آءِ جي پي روڊ، اسلام آباد ايڪسپريس وي ۽ پارڪنگ پلازه جي جاري منصوبن جي حوالي سان ??فصيلي طور تي آگاهه ڪ??و ويو. اجلاس کي ٻڌا??و ويو ته بهاره ڪهو باءِ پاس تي 24 ڪلاڪ ڪم جاري آهي. وزيراعظم بهاره ڪهو باءِ پاس کي جلد کان ??لد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته بهاره ڪهو باءِ پاس عوامي نوعيت جو اهم منصوبو آهي جنهن جي تعمير ۾ ڪنهن به قسم جو تعطل قبول نه ڪ??و ويندو. اجلاس کي ٻڌا??و ويو ته سيونٿ ايونيو انٽرچينج ۽ مارگلا ايونيو منصوبا مڪمل ٿي چڪا آهن. آءِ جي پي روڊ جو توسيعي منصوبو 23 مارچ تائين مڪمل ڪ??و ويندو. اليونٿ ايونيو ۽ اسلام آباد ايڪسپريس وي جو فيز ون هلندڙ سال جي وچ ڌاري جڏهن ته بليو ايريا پارڪنگ پلازه ۽ ايڪسپريس وي جو فيز ٽو هلندڙ سال جي پڄاڻي تائين مڪمل ڪيا ويندا. اجلاس ۾ سي ڊي اي چيئرمين پاران ٽرانسپورٽ جي فيڊر روٽس ۽ بس ٽرمينل جي حوالي سان پڻ بريفنگ ڏني وئ??. ا??لاس کي ٻڌا??و ويو ته سي ڊي اي پاران ??المي معيار جو هڪ نيشنل بس ٽرمينل ۽ 3 سيٽلائيٽ ٽرمينل ٺاهيا ويندا جنهن ۾ نجي شعبي جي سيڙپڪاري ٿيندي. ان کانسواءِ 90 ڏينهن ۾ بسن جا 13 فيڊر روٽس شروع ڪيا پيا وڃن جڏهن ته چار فيڊر روٽس هن وقت ڪم ڪري رهيا آهن. اسلام آباد جي پبلڪ ٽرانسپورٽ سسٽم جي ذريعي روزاني جي بنياد تي 2 لک جي لڳ ڀڳ ماڻهو معياري سفري سهولتن مان فائدو کڻي رهيا آهن. وزيراعظم کي اسلام آباد ۾ پارڪنگ جي مسئلن جي حل لاءِ سي ڊي اي جي قدمن کان ??گاهه ڪ??و ويو. وڌيڪ اهو ته سي ڊي اي ايف ايٽ، ايف ٽين، جي نائن، آئي ايٽ ۽ بليو ايريا ۾ پارڪنگ پلازه ٺاهي رهي آهي. 5000 گاڏين ??ي پارڪنگ جي صلاحيت سان ??هو پارڪنگ پلازه شهر ۾ پارڪنگ جي مسئلي کي حل ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. سي ڊي اي چيئرمين ??منڊپار پاڪستانين ??ي لاءِ رهائشي منصوبن تي پڻ تفصيلي بريفنگ ڏني. وزيراعظم هدايت ڪئي ته انهن منصوبن کي عالمي معيار تي آڻڻ جي لاءِ انهن ۾ بهترين ??هولتون ميسر ڪيون وڃن. وزيراعظم چيو ته سمنڊ پار پاڪستاني اسان ??و قيمتي اثاثو آهن، انهن منصوبن ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ نظام کي شفاف ۽ خودڪار بڻا??و وڃي. منصوبن جي راهه ۾ ڪنهن به قسم جي رڪاوٽ يا تعطل قبول نه ڪ??و ويندو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن اسحاق ڊار، راڻا ثناءُ الله، وزيراعظم جي صلاحڪار احد چيما، خاص معاون طارق باجوه، اڳوڻي وفاقي وزير طارق فضل چوڌري، اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبرن حنيف عباسي، انجم عقيل ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.