پشاور – 03 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف 30 جنوري تي پوليس لائينز جي مسجد ۾ ٿيندڙ خودڪش حملي جي شهيدن جي وارثن جي لاءِ 20 لک رپيا ۽ ز??مين جي لاءِ 5 لک رپين جو اعلان ڪيو آهي. گورنر هائوس ۾ ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ خطاب ڪندي وزيراع??م چيو ته معاوضي جي رقم ان ڏک جو مداوو نه آهي جنهن مان متاثرين جا گهروارا گذري رهيا آهن پر ??ها وفاقي حڪومت پاران ڏکويل خاندان ۽ ز??مين جي مالي مشڪلاتن کي گهٽ ڪرڻ جي ڪوشش جو حصو آهي. وزيراع??م چيو ته سڄي قوم سميت سول ۽ ملٽري آرمڊ فورسز، سول سوسائٽي، عوام ۽ سرڪاري آفيسرن دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ عظيم قربانيون ڏ??يون آهن.