اسلام آباد – 12 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ش??يف گڏيل عرب امارات جي صدر شي?? محمد بن زيد ??لن??يان جي دعوت تي اڄ اعليٰ سطحي وفد سان گڏ ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي گڏيل عرب امارات ويندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پا??ان جاري بيان موجب وزيراعظم گڏيل عرب امارات جي صدر شي?? محمد بن زيد ??لن??يان سان ملاقات ڪندو جنهن ۾ ٻنهي ڀائر اسلامي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي، واپاري ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ ۽ يو اي اي ۾ پاڪستاني افرادي قوت جي لاءِ موقعا پيدا ڪرڻ بابت معاملا بحث هيٺ ايندا. ٻئي اڳواڻ گڏيل دلچسپي جي ڪيترن ئي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. وزيراعظم گڏيل عرب امارات جي وزيراعظم ۽ نائب صدر ۽ دبئي جي حڪمران شي?? محمد بن راشد المڪتوم سان به ملاقات ڪندو. ان موقعي تي وزيراعظم واپار ۽ سيڙپڪاري کي وڌائڻ جي لاءِ اماراتي واپارين ۽ سيڙپڪارن سان به ملاقاتون ڪندو.