اسلام آباد – 01 – ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان افغانستان جي شهر سمنگان ۾ مدرسي تي ٿيندڙ و??شياڻي دهشتگرد حملي جي سخت مذمت ڪئي آهي جنهن جي نتيجي ۾ قيمتي جانيون ضايع ٿيون ۽ ڪيترائي ماڻهو ز??مي ٿيا آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام دهشتگردي جي ان واقعي تي پنهنجي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪن ٿا ۽ ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ اسان افغانستان جي عوام ۽ سوڳوار خاند??نن سان يڪجهتي لاءِ گڏ بيٺل آهيون.