اسلام آباد– 18 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان وزيراعظم جي خاص ??عاون ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جي اطلاعات سيڪريٽري فيصل ڪريم ڪنڊي ملاقات ڪري، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام (بي آءِ ايس پي) جي حوالي سان بريفنگ ??ني. ان موقعي تي قومي اسيمبلي ميمبر حسن طارق، ند??م افضل چن ۽ آصف ب??ير ڀاڳت پڻ موجود هئا. پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري فيصل ڪريم ڪنڊي کي هدايت ڪئي ??ه هو سڄي ملڪ ۾ غريب ۽ مستحق عورتن جي امداد جي لاءِ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام کي وڌيڪ متحرڪ ڪري. پيپلزپارٽي جي چيئرمين چيو ته غربت جي خاتمي لاءِ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام موثر ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. ان پروگرام جي سمورن شعبن کي متحرڪ ڪيو وڃي.