اسلام آباد– 30 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان عاصم افتخار احمد چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف نيويارڪ جي تازي دوري دوران پاڪستان ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي طرف عالمي اڳواڻن جو ڌيان ڇڪرايو، هن مختلف ملڪن جي سربراهن سان پنهنجي ڳالهه ٻولهه ۾ موسمياتي تبديلي کي روڪڻ ۽ اسرندڙ ملڪن کي موسمياتي اثرن سان ٿيندڙ تلافي جي لاءِ عالمي قدمن جي ضرورت تي زور ڏنو. پريس بريفنگ ۾ ترجمان چي?? ته فرانس جي صدر، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل، آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر، عالمي بئنڪ جي صدر ۽ ڪجهه ٻين اهم اڳواڻن بشمول آمريڪا جي موسمياتي تبديلي واري خصوصي ايلچي جان ڪيري پاڪستان ۾ عالمي حمايت کي متحرڪ ڪرڻ ۾ مدد ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چي?? ته هڪ عالمي ڪانفرنس ۾ پاڪستان جي ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ نئين سر تعمير ۽ بحالي تي ڌيان ڏنو ويندو ۽ ان کان اڳ نقصانن ۽ ضرورتن جو جائزو وٺي هڪ ٺوس منصوبو تيار ٿي ويندو. هن چي?? ته وزيراعظم جنرل اسيمبلي کي خطاب ۽ عالمي اڳواڻن سان ڳالهه ٻولهه ۾ پاڪستان ۽ عالمي برادري جي لاءِ ڳڻتي جي ڪيترن ئي ٻين مسئلن تي پڻ پاڪستان جي موقف جو خاڪو پيش ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چي?? ته وزيراعظم ڀ??رت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي سنگين صورتحال طرف ڌيان ڇڪرائيندي چي?? ته اهو تڪرار پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ڇڪتاڻ جو بنيادي سبب آهي. هن چي?? ته ڀارت کي ڳالهه ٻولهه کي ٻيهر شروع ڪرڻ ۽ ڇڪتاڻ ؛ي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ 5 آگسٽ 2019ع تي کنيل پنهنجي غيرقانوني ۽ هڪ طرفي قدم کي واپس وٺڻ گهرجي. ترجمان چي?? ته وزيراعظم ڀ??رت کي امن جي لاءِ ڪم ڪرڻ جي دعوت ڏيندي چي?? ته ٻنهي ملڪن کي غربت، بيماري ۽ بک جي خاتمي تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. ترجمان چي?? ته پرڏيهي وزير نيويارڪ ۾ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري سالياني رابطا اجلاس سان گڏوگڏ جي – 77 ۽ چين جي پرڏيهي وزيرن واري سالياني اجلاس جي پڻ صدارت ڪئي. هن چي?? ته پرڏيهي وزير پنهنجي ڪيترن هم منصبن سان ٻطرفيون ملاقاتون پڻ ڪيون ۽ ميڊيا کانسواءِ ٿنڪ ٽينڪ سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. هن چي?? ته پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر سان گڏ واشنگٽن ۾ آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن سان هڪ انتهائي لاڀائتي ملاقات ڪئي جنهن ۾ آمريڪا پاڪستان جي ٻوڏ متاثرين جي لاءِ اضافي 10 ملين ڊالر جو اعلان ڪيو جنهن سان آمريڪا جي مجموعي امداد 66.1 ملين ڊالر تائين پهچي وئي آهي. ترجمان چي?? ته وزيراعظم هلندڙ مهيني جي وچ ڌاري ثمرقند ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن جي سربراهي اجلاس ۾ موسمياتي تبديلين جي تباهين جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششون ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ترجمان چي?? ته اها ڳالهه انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي ته ڀارتي قابض فوج گذريل هڪ هفتي دوران والاريل ڪشمير جي علائقن ڪولگام ۽ ڪپواڙه ۾ وڌيڪ 5 ڪشميري نوجوانن کي عدالت کان مٿانهين قتل ۽ جعلي مقابلن ۾ شهيد ڪري ڇڏيو آهي، عالمي برادري ان صورتحال جو نوٽيس وٺي، هن حريت اڳواڻن سميت ڪشميري سياسي قيدين جي فوري آزادي جو مطالبو ڪيو. ترجمان چي?? ته اسان والاريل ڪشمير ۾ ڀارت جي غيرقانوني قدمن ۽ بنا جواز معاشي حملي جي پڻ مذمت ڪريون ٿا جنهن جو اظهار ڀارتي قابض فوج پاران واديءَ ڪشمير مان تازن گلن سان ڀريل ٽرڪن کي روڪڻ مان ظاهر ٿئي ٿو. هن چي?? ته اها ڪشميري گلن جي واپارين جي اڻ اعلانيل اقتصادي ناڪابندي آهي جنهن جو مقصد والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي معيشت کي تباهه ڪرڻ ۽ ڪشميرين کي خودمختياري جي حق جي جدوجهد جي سزا ڏيڻ آهي.