اسلام آباد – 14 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي ڪائونسل آف هيڊز آف اسٽيٽ (سي ايڇ ايس) جي سالياني اجلاس ۾ ش??ڪت جي ??اءِ 15 ۽ 16 سيپٽمبر 2022ع تي ثمرقند، ازبڪستان جو دورو ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ??يڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم جمهوريه ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزيوئيف جي دعوت تي ايس سي او – سي ايڇ ايس ۾ ش??ڪت ڪري رهيو آهي جيڪو ان اجلاس جي صدارت ڪندو. اجلاس ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي ??يمبر ۽ مبصر ملڪن جي سربراهن سان گڏوگڏ ايس سي او تنظيمن جا سربراهه ۽ ٻيا خاص مهمان ش??ڪت ڪندا. شنگهائي تعاون تنظيم جي ڪائونسل آف هيڊ آف اسٽيٽ ڪائونسل جو سڀ کان اعليٰ فورم آهي جيڪو تنظيم جي حڪمت ع??لي?? مستقبل ۽ ترجيحن ت?? غور ۽ انهن جي ??ضاحت ڪري ٿو. سي ايڇ ايس ۾ ايس سي او جا اڳواڻ موسمياتي تبديلي، فوڊ سيڪيورٽي انرجي سيڪيورٽي ۽ پائيدار سپلائي چين سميت اهم عالمي ۽ علائقائي مسئلن ت?? غور ڪندا. اجلاس ۾ اهڙن معاهدن ۽ دستاويزن جي به منظوري ڏني ويندي جيڪي شنگهائي تعاون تنظيم جي ??يمبر ملڪن جي ??چ ۾ تعاون جي ??ستقبل جي رخ جو تعين ڪندا. سربراهي اجلاس ۾ ش??ڪت کانسواءِ وزيراعظم سي ايڇ ايس جي سائيڊ لائينز تي ٻين شريڪ اڳواڻن سان ٻطرفيون ملاقاتون ڪندو. شنگهائي تعاون تنظيم ڏکڻ ۽ وچ ايشيا جي ??ڪ اهم بين علائقائي تنظيم آهي. 2001ع ۾ قائم ٿيندڙ ايس سي او شنگهائي اسپرٽ ۾ لکيل قدرن ۽ اصولن کي برقرار رکي ٿي جنهن ۾ گڏيل اعتماد، گڏيل فائدي ۽ گڏيل ترقي حاصل ڪرڻ شامل آهي. مجموعي طور تي ايس سي او جا ميمبر ملڪ دنيا جي اٽڪل اڌ آبادي ۽ عالمي اقتصادي پيداوار جو چوٿون حصو آهن. امن ۽ استحڪام کي فروغ ڏيڻ ۽ اقتصادي، واپاري ۽ ثقافتي شعبن ۾ بهتر رابطن جي ڳولا جي ايس سي او جي ايجنڊا، اقتصادي رابطن کي وڌائڻ سان گڏوگڏ خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي ??اءِ پاڪستان جي ??نهنجي ??يزن سان هم آهنگ آهي. 2017ع ۾ ايس سي او جو مڪمل ميمبر بڻجڻ کانپوءِ کان پاڪستان ايس سي او جي ??ختلف مڪينزم ۾ پنهنجي ش??ڪت ذريعي تنظيم جي بنيادي مقصدن کي اڳتي وڌائڻ جي ??اءِ سرگرم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.