اسلام آباد – 18 – آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ ڊيجيٽل ڪارپوريشن آرگنائيزيشن جي سيڪريٽري جنرل دماح اليحييٰ جي وچ ۾ وڊيو لنڪ ذريعي رابطو ٿيو آهي ??نهن ۾ پاڪستان سميت سمورن ميمبر ملڪن ۾ ڊيجيٽل اڪانومي ۾ ٺوس ترقي جي حوالي ??ان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي ??فيس جي ترجمان موجب ڊيجيٽل ڪارپوريشن آرگنائيزيشن جي سيڪريٽري جنرل دماح اليحييٰ پاڪستان قائم ٿيڻ جا 75 سال مڪمل ٿيڻ تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري کي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته سفارتي ميدان ۾ پاڪستان جي ڪارڪردگي مت??ثر ڪندڙ آهي. ان موقعي تي پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ڊيجيٽل ڪارپوريشن آرگنائيزيشن جي باني ميمبر طور پنهنجون ذميوارو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڊيجيٽل ڪارپوريشن آرگنائيزي??ن ۾ نوجوانن جي لاءِ ڊيجيٽل تعليم جي شعبي ۾ معاونت ڪري، پاڪستان بدلجندڙ دنيا سان گڏ قدم کان قدم ملائي هلڻ لاءِ تيار آهي.