اسلام آباد – 13 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي قيدين جي س??ائ?? ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪري ڇڏيو. آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي س??ائ?? ۾ گهٽتائي آئين جي آرٽيڪل 45 تحت ڏني وئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب جيلن ۾ رهندڙ قيدين جي س??ائ?? ۾ پنجين حصي جي گهٽتائي ڪئي ويندي. صدر 65 يا ان کان وڏي عمر جي مرد قيدي جيڪي 15 سال يا ان کان وڌيڪ قيد ??اٽي چڪا آهن انهن جي لاءِ باقي ??زا ۾ مڪمل ڇوٽ جو اعلان ڪيو آ??ي. 60 سال يا ان کان وڏي عمر جون ??ور??ون جيڪي 10 سال يا ان کان وڌيڪ قيد ??اٽي چڪيون آهن جي لاءِ باقي ??زا ۾ مڪمل ڇوٽ جو اعلان پڻ ڪيو آ??ي. قيد جي ??زا جو ٽي ڀاڱي چوٿون حصو ڪاٽيندڙ قيدين جي ??زا تي مڪمل ڇوٽ جو اعلان ڪيو ويو آ??ي. 20 سال جي قيد مڪمل ڪندڙ قيدين جي ??زا ۾ مڪمل ڇوٽ جو اعلان ڪيو ويو آ??ي. س??ائ?? ۾ گهٽتائي جو اطلاق موت جي سزا، جاسوسي، گينگ ريپ، بئنڪ ڌاڙي، رياست مخالف سرگرمين، زنا، اغوا ۽ ڌاڙي جي ڏوهارين تي نه هوندو.