اسلام آباد – 29 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم ??ورنگزيب قومي خابرو اداري (اي پي پي) جي ملازم?? جي شاهراهه دستور تي جاري احتجاجي مظاهري ۾ پهچي ملازمن جا مطالبا حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي، جنهن کانپوءِ مظاهرين پنهنجو احتجاج ختم ڪري ڇڏيو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم ??ورنگزيب اربع جي رات شاهراهه دستور تي ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) جي احتجاج ڪندڙ ملازمن سان ملاقات جي لاءِ پهچي وئي. اي پي پي جو ايم ڊي اختر منير، ??رنسپل انفارميشن آفيسر (پي آءِ او) مبشر حسن پڻ ساڻس گڏ هئا. اطلاعات واري وفاقي وزير يڪجهتي جي اظهار طور مظاهرين سان گڏ روڊ تي ويهي رهي. هن چيو ته صحافين سان سندس تعلق سياسي يا حڪومتي نمائندي جي طور تي نه آهي، آئون اي پي پي جي ملازم?? جي مسئلن کان چڱي ريت آگاهه آهيان پر اهي مسئلا رڳو اي پي پي جا نه آهن. هن چيو ته ڏينهن رات اطلاعات واري وزارت جا اعليٰ عملدار ناڻي واري وزارت سان رابطي ۾ رهيا. (ڊسپيريٽري الائونس) ۽ ريگيولر پي اسڪيلز سڀني ڪارپوريشنز جو مسئلو آهي. ناڻي واري وزارت جي عملدارن کي چيو آهي ته ان مسئلي جو جلد حل ڪڍن، ان ڏس ۾ هڪ ڪميٽي جوڙي وئي آهي، جيڪا اڄ اربع ڏينهن ان معاملي جو جائزو وٺندي. هن اي پي پي ايمپلائيز يوني?? جي نمائندن کي چيو ته اهي به ڪميٽي جي اجلاس ۾ شرڪت ڪن. اطلاعات واري وفاقي وزير مريم ??ورنگزيب خاطري ڪرائي ته اي پي پي ملازم?? جي ترقي لاءِ ڊي پي سي ڪرائڻ جون هدايتون جاري ڪيون وينديون. اي پي پي ملازم اطلاعات واري وزير مريم ??ورنگزيب جي اچڻ، يڪجهتي جي اظهار ۽ مسئل?? جي حل جي خاطري ڪرائڻ تي ٿورا مڃيا ۽ احتجاج ختم ڪري ڇڏيو.