ڪراچي – 13 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شر??ف سنڌ جي وڏي وزير کي صوبي سنڌ جي ما??هن جي جان ۽ مال جي حفاظت ۽ ڀلائي ۽ ترقي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ هر ممڪن قدمن جي هدايت ڪئي ??هي. وزيراعظم ميڊيا آفيس مان جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شر??ف سان سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ملاقات ڪئي ۽ صوبي ۾ انتظامي ۽ امن امان جي مجموعي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم وڏي وزير کي صوبي جي ما??هن جي جان ۽ مال جي حفاظت ۽ ڀلائي ۽ ترقي کي يقيني بڻائڻ لاءِ هر ممڪن ڪوششن جي هدايت ڪئي، سنڌ جي وڏي وزير وزيراعظم محمد شهباز شر??ف کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي پنهنجي ڪابينا پاران مبارڪباد پيش ڪئي ۽ کيس يقين ڏياريو ته هو وفاقي حڪومت سان گ??جي سنڌ جي عوام جي ڀلائي ۽ ترقي لاءِ سمورا امڪاني قدم استعمال ۾ آڻينداسين، ملاقات ۾ قومي اسيمبلي ميمبر شاهد خاقان عباسي، مريم اورنگزيب، خالد مقبول صديقي، مولانا اسعد محمود، احسن اقبال ۽ ٻيا به موجود هئا.