اسلام آباد – 24 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته هارس ٽريڊنگ ۽ ضمير فروشي جي راند بند ٿيڻ گهرجي، سنڌ هائوس ۾ جيڪا بدبودار راند کيڏي وئي آهي ان ??و ازالو ناهي ٿيو، اتي خچر ٽريڊنگ، گهوڙا ٽريڊنگ ۽ گڏهه ٽريڊنگ جي منڊي لڳل آهي، جهڙي طرح سان ??مير فروشي ٿي رهي آهي، ان کي روڪڻ ضروري آهي، اٽارني جنرل جو موقف آهي ته ايم اين اي جو ??وٽ پارٽي جو ??وٽ آهي، ??وٽ ڪاسٽ ڪرڻ يا نه ڪرڻ جو فيصلو اسپيڪر ڪندو ج??هن ته تاحيات نااهلي بابت فيصلو سپريم ڪورٽ کي ڪرڻو آهي، هارس ٽريڊنگ روڪڻ جي لاءِ سپريم ڪورٽ جو اهو ڪيس انتهائي اهميت وارو آهي، سپريم ڪورٽ جي فيصلي سان پاڪستان ۾ هڪ نئين سياست جو بنياد رکيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي توانائي وارو وفاقي وزير حماد اظهر به موجود هو. چوڌري فواد حسين چيو ته وزيراعظم جي چونڊ يا بي اعتمادي ??ٿ سميت فنانس بل تي ايم اين اي جو ??وٽ پارٽي جو اجتماعي ??وٽ آهي، جيڪو پارلياماني اڳواڻ جي ذريعي استعمال ٿيندو آهي، انهي نڪتي تي سپريم ڪورٽ ۾ اٽارني جنرل جا دليل جاري آهن، جيڪ??هن ان ??وٽ تي پابندي نه هجي ها ته پوءِ آرٽيڪل 63 اي آڻڻ جو فائدو ئي ڪهڙو هو، هن چيو ته پاڪستان ??و مستقبل ان ڳالهه سان ??ڙيل آهي ته عدليه هارس ٽريڊنگ تي ڪارروائي ڪري، هن چيو ته اٽارني جنرل بينظير ڀٽو ڪيس جوحوالو ڏنو، ان ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ سڄي ڳالهه وضاحت سان ??يان ڪئي آهي، هارس ٽريڊنگ ۾ ملوث ماڻهو پنهنجو ??وٽ استعمال ڪري سگهندا يا نه ان ??اري ۾ فيصلو اسپيڪر ڪندو پر تاحيات نااهلي بابت فيصلو سپريم ڪورٽ کي ڪرڻو آهي. اهن چيو ته اهو ڪيس پاڪستان ??ي سياست جي مستقبل جو بنياد آهي، هن چيو ته عدالت ۾ سنڌ هائوس جي معاملي تي به ڳالهه ٻولهه ٿي، پوليس سنڌ هائوس تي جيڪو ايڪشن کنيو، عدالت ان مان مطئمن آهي ۽ ان معاملي کي ختم ڪيو ويو آهي، هن چيو ته سنڌ هائوس ۾ جيڪا بدبودار راند کيڏي وئي آهي ان ??و مداوا ناهي ٿيو. سنڌ هائوس ۾ جهڙي طرح سان ??مير فروشي ٿي رهي آهي ان کي روڪڻ ضروري آهي، هن چيو ته پي ٽي آءِ جا ڪجهه ماڻهو پنهنجي ڪاوڙ تي ضابطو نٿا رکي سگهن ۽ انهن سنڌ هائوس جي ٻاهران ??حتجاج ڪيو، پوليس ان ??ي ڪارروائي ڪئي ۽ اهو معاملو ختم ٿي ويو آهي، هن چيو ته سينيٽ اليڪشن ۾ يوسف رضا گيلاني لاءِ ??وٽ خريد ڪرڻ جون وڊيوز آيون جيڪي اليڪشن ڪميشن موڪليون ويون پر ان ??ي ڪارروائي نه ٿي، جيڪ??هن ان وقت ڪارروائي ٿئي ها ته اڄ ماڻهو خريد ڪرڻ ۽ وڪرو ڪرڻ جو ڌنڌو بند ٿي وڃي ها ۽ اسان کي هارس ٽريڊنگ کي ٻيهر منهن نه ڏيڻو پئي ها، چوڌري فواد حسين چيو ته عدليه فيصلي ۾ اليڪشن ڪميشن کي چيو هو ته ??وٽ جي ٽريس ايبلٽي کي يقين بڻايو وڃي، جيڪ??هن ڪنهن تي سينيٽ اليڪشن ۾ ??وٽ وڪرو ڪرڻ جو الزام لڳي ٿو ته ان ??و ??وٽ ٽريس ڪري سگهجي، اليڪشن ڪميشن سپريم ڪورٽ جي حڪمن تي عمل نه ڪيو جنهن جي ڪري اڄ اهو بحران ??رپيش آهي، هن چيوته هارس ٽريڊنگ روڪڻ جي لاءِ سپريم ڪورٽ جو اهو ڪيس انتهائي اهميت وارو آهي، سپريم ڪورٽ جي فيصلي سان پاڪستان ۾ هڪ نئين سياست جو بنياد رکيو ويندو، ??وٽ ڪاسٽ ڪرڻ يا نه ڪرڻ جو فيصلو اسپيڪر ڪندو ج??هن ته نااهلي جو فيصلو عدالت کي ڪرڻو اهي، هن چيو ته جيڪ??هن ڪو پارٽي ٽڪيٽ تي اليڪشن وڙهي منتخب ٿي پارليامينٽ ۾ اچي ۽ ان کي پارٽي پاليسي سان ??ختلاف هجي ته اهو مستعفي ٿي عوام وٽ ٻيهر وڃي، اليڪشن وڙهي ۽ عوام جي ??وٽ سان چونڊجي اچي پر ائين نٿو ٿي سگهي ته عمران ??ان ??ي نالي تي يا ڪنهن پارٽي جي منشور تي اليڪشن کٽي اچي ۽ پوءِ انهي جي پٺي ۾ ڇرو هڻي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مسلم ليگ (ق) ۽ ايم ڪيو ايم ڪابينا جو حصو آهن، ٻه ٻه وزارتون انهن وٽ آهن، جيستائين اتحادي ڪابينا ۾ آهن ته ظاهر آهي اهي گڏ آهن، هڪ ٻي سوال تي هن چيو ته آرٽيڪل 63 اي تاحيات نااهلي بابت آهي، ان ??اري ۾ فيصلو سپريم ڪورٽ کي ڪرڻو آهي، سپريم ڪورٽ جي پنج رڪني بينچ ان کان پهرين فيصلو ڏئي چڪي آهي ته جيڪ??هن نااهلي جو مدو آئين ۾ لکيل ناهي ته اهو تاحيات آهي. اهو فيصلو آرٽيڪل 63 تي آهي، آرٽيڪل 63 اي تي نه هو، اسان ??شريح لاءِ آيا آهيون ته آرٽيڪل 63 جو فيصلو 63 اي تي به لاڳو ٿيندو يا نه.