اسلام آ??اد – 21 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ??مون ۽ ڪشمير تي او اءِ سي رابطا گروپ جي هڪ فعال ميمبر جي طور تي آذربائيجان جي تعاون جي واکاڻ ڪئي آهي، وزيراعظم ميڊيا آفيس مان جاري پريس رليز موجب جمهوريه آذربائيجان جي دفاع واري وزير ڪرنل جنرل ذاڪر حسنوف وزيراعظم عمران خان سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ مضبوط ۽ پائيدار دفاعي لاڳاپن جو حوالو ڏيندي وزيراعظم چيو ته ٻه طرفي واپار، سياحت ۽ عوامي سطح تي رابطن تي خصوصي ڌيان ??يندي انهن ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ گهرجي، وزيراعظ?? او آءِ سي ۾ آذربائيجان جي ڄمون ۽ ڪشمير تي رابطا گروپ جي هڪ فعال ميمبر جي طور تي تعاون کي س??را??يو. هن آذربائيجان جي قيادت ۽ عوام کي والاريل علائقن کي آزاد ڪر??ئڻ تي مبارڪ??اد ڏني ۽ کڻ قفقاز ۾ امن ۽ خوشحالي جي مقصد کي حاصل ڪرڻ ۾ آذربائيجان جي ڪوششن کي س??را??يو. آذربائيجان جي دفاع واري وزير آذربائيجان جي صدر پ??را?? وزيراعظم لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو،. هن وزيراعظم کي ٻڌايو ته پاڪستان جي قومي ڏينهن جي 23 مارچ پريڊ ۾ آذربائيجان جي هٿياربند فوج جو دستو به شرڪت ڪندو.