اسلام آباد – 05 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن ۽ سلامتي جي لاءِ ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي حل جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته بامعنيٰ ۽ نتيجاخيز رابطا قائم ڪرڻ جي لاءِ سازگار ماحول جوڙڻ جي ذميواري ڀارت تي لاڳو ٿئي ٿي، گڏ??ل قومون ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار تي پنهنجي قراردادن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائي. پرڏيهي وزير ڪشمير سان يڪجهتي جي ڏهاڙي جي موقعي تي گڏ??ل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي صدر ۽ گڏ??ل قومن جي سيڪريٽري جنرل کي خط لکيو آهي جنهن ۾ هن غيرقا??ون?? طور تي ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ خراب ٿيندڙ انساني صورتحال ۽ خطي جي امن ۽ سلامتي بابت مستقل خطرن کان آگاهه ڪيو ويو آهي. پنهنجي خط ۾ پرڏيهي وزير زور ڏنو ته 5 آگسٽ 2019ع جي غيرقا??ون?? ۽ هڪطرفي ڀارتي قدمن، جن ۾ قبضي هيٺ خطي ۾ آبادي جو تناسب تبديل ڪرڻ جي ڪوشش به شامل آهي، عالمي قا??ون??، گڏ??ل قومن جي منشور ۽ چوٿين جنيوا ڪنوينشن سميت گڏ??ل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن جي کليل خلاف ورزي آهي. پرڏيهي وزير غيرقا??ون?? طور تي ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ وسيع پئماني تي انساني حقن جي سنگين ۽ منظم خلاف ورزين، عدالت کان مٿانهين ۽ جعلي مقابلن ۾ شهادتن جي تازي لهر کي اجاگر ڪيو. خط ۾ نشاندهي ڪئي وئي ??ه ڀارت پاران گڏ??ل قومن جي انساني حقن بابت هاءِ ڪمشنر جي آفيس (او – ايڇ – سي – ايڇ – آر) کي غيرقا??ون?? طور تي ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ آزاداڻي جاچ جي لاءِ پهچ ڏيڻ کان انڪار قابض ۽ جابر حڪومتن جي پنهنجي ڏوهن کي لڪائڻ ۽ جوابدهي کان بچڻ جهڙو روايتي حربو آهي. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي آر ايس ايس، بي جي پي جي قيادت پاران پاڪستان جي خلاف جنگي جنون کي تيز ڪرڻ ۽ قومي جارحيت جي ڌمڪين جو حوالو ڏيندي داخلي سطح تي سياسي حمايت حاصل ڪرڻ جي لاءِ فا??س فليگ آپريشنز جو ڊرامو رچائڻ جي م??ضي جي ڀارتي طرزعمل کي بيان ڪيو.