اسلام آباد – 13 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين لاهور پريس ڪلب جي چونڊن ۾ نون چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته حڪومت اظهار راءِ جي آزادي تي پڪو يقين رکي ٿي، اظهار راءِ جي آزادي سان گڏ??گڏ ملڪ ۾ ذميداراڻي صحافت جي فروغ جي ضرروت آهي، حڪومت ص??اف??ن کي صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ پرعز?? آهي، ص??اف?? برادري کي ترجيحي بنيادن تي صحت ڪارڊز فراهم ڪيا ويندا. اها ڳالهه هن پنهنجي هڪ بيان ۾ چئي، وفاقي وزير لاهور پريس ڪلب جي چونڊن ۾ اعظم چوڌري کي صدر، سليمان قريشي ۽ ناصره عتيق کي نائب صدر، عبدالمجيد ساجد کي سيڪريٽري، سالڪ نواز کي جوائنٽ سيڪريٽري، شيراز حسنات کي فنانس سيڪريٽري چونڊجڻ تي ۽ گورننگ باڊي جي نون چونڊيل ميمبرن کي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته ص??اف??ن جي اجتماعي ۽ انفرادي مس??لن جي حل لاءِ هر ممڪن ڪوششون جاري رکنداسين، ميڊيا صنعت کي درپيش مس??لن ۽ انهن جي حل لاءِ شفاف ۽ پائيدار پاليسي تي عمل پيرا آهيون. چوڌري فواد حسين چيو ته ص??اف?? معاشري جي مس??لن کي اجاگر ڪندا آهن، ميڊيا جي نشاندهي تي ئي حڪومت مس??لن جي حل ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي آهي. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته ص??اف??ن جي نئين چونڊيل قيادت پنهنجي پيشي ۽ ساٿي ص??اف??ن جي مس??لن جي حل لاءِ مثبت ڪردار ادا ڪندي رهندي.