اسلام آباد – 06 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اسلام آباد جي مهانگي سيڪٽرن ۾ سرڪاري رهائشن تي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي بنياد تي ڪمرشل عمارتون تعمير ڪرڻ ۽ بي پن??هه پکيڙ کي روڪڻ لاءِ شهرن جون حدون مقرر ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته غريب ۽ وچولي طبقي جي لاءِ ??هٽ قيمت گهرن جي تعم??ر جو واعدو پورو ڪري رهيا آهيون، گهرن جي تعمير لاءِ هن وقت تائين 38 ارب روپين جا قرض فراهم ڪيا ويا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت هيٺ هائوسنگ، تعميرات ۽ ترقي بابت رابطا ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڪيو. اجلاس ۾ ناڻي وا??و وفاقي وزير شوڪت فياض ترين، اطلاعات ۽ نشريات وا??و وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، آزاد ڪشم??ر جو وزيراعظم سردار عبدالقيوم خان نيازي، اطلاعات ۽ نشريات وارو مملڪتي وزير فرخ حبيب، خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل، اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر، آزاد ڄمون ۽ ڪشم??ر جي وزيرن سردار تنوير الياس، خواجه فاروق، نئون پاڪستان هائوسنگ ڊولپمينٽ اٿارٽي جو چيئرمين ۽ سينئر آفيسر شريڪ ٿيا. وزيراعظم اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته حڪومت غريب ۽ وچولي طبقي لاءِ ??هٽ قيمت جي گهرن جو واعدو ڪيو هو، ان کي پورو ڪري رهيا آهيون، ملڪ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو اسلام آباد جي ڪچي آبادين جي رهواسين لاءِ 12400 گهٽ قيمت ۽ معياري فليٽ مهيا ڪيا پيا وڃن، اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته سي ڊي اي ۽ نئون پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي انهن فليٽس لاءِ سبسڊي مهيا ڪندي جنهن سان ماهوار قسطون گهٽ کان گهٽ رکيون وينديون، انهن فليٽس ۾ سموريون شهري سهولتون فراهم ڪيون وينديون. وزيراعظم چيو ته اسلام آباد م عالمي معيار جو ڪرڪيٽ اسٽيڊيم تعمير ڪيو ويندو. اسلام آباد جي مهانگي سيڪٽرن ۾ سرڪاري رهائشن تي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي بنياد تي ڪمرشل عمارتُون ٺاهيون وڃن. پنهنجو گهر ٺاهڻ لاءِ 38 ارب روپين جا قرض فراهم ڪيا ويا آهن، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته سراسري بئنڪن کان قرض حاصل ڪرڻ جي شرح ۾ قابل ذڪر اضافو ڏٺو پيو وڃي. صرف گذريل ٻن هفتن ۾ 6 ارب روپين جي اضافي قرضن جون درخواستون مليون آهن. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ملڪ جي سمورن شهرن جون حدون مقرر ٿيڻ گهرجن ته جيئن بي پن??هه پکيڙ کي روڪي سگهجي ۽ ساوڪ کي بچائي سگهجي. وزيراعظم چيو ته آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ سياحت جي فروغ لاءِ بي پن??هه موقعا موجود آهن جنهن مان فائدو حاصل ڪيو وڃي، آزاد ڪشمير ۾ غير قانوني تعميرات کي روڪڻ لاءِ سخت قانون ٺاهيا وڃن. هن والاريل ڪشمير کان آيل پن??هگيرن لاءِ معياري ۽ گهٽ قيمت رهائشون جلد تعمير ڪرڻ جي هدايت به ڪئي، اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته پن??هگيرن جي رهائشن لاءِ 5.6 ارب روپين جي زمين آزاد ڪشم??ر جي حڪومت مهيا ڪندي، پهرين مرحلي ۾ 1300 گهراڻن کي گهر مهيا ڪيا ويندا. وزيراعظم چيو ته ٻيلن ۽ قدرتي حسن جي تحفظ لاءِ هر ممڪن قدم کنيا وڃن. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته آزاد ڪشم??ر جو 63 سيڪڙو حصو ٻيلن تي مشتمل آهي، جڏهن ته ڪشم??ر جي ڪل ايراضي جو 56.5 سيڪڙو حصو سرڪاري زمين آهي، 10 ضلعن جي لينڊ يوز ميپنگ مڪمل ڪئي وئي آهي.