اسلام آباد – 18 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي پرڏيهي وزارت جي سينيئر عملدارن سان گڏ پا??ليامينٽ هائوس جو دورو ڪيو. اسپيشل پرڏيهي سيڪريٽري رضا بشير تارڙ، پرڏيهي وزارت جو ترجمان عاصم افتخار ۽ ٻيا سينيئر آفيسر پرڏيهي وزير سان گڏ هئا. پرڏيهي وزارت جي سينيئر عملدار?? پرڏيهي وزير کي پا??ليامينٽ ۾ او آءِ سي ??رڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي غيرمعمولي اجلا?? جي حوالي سان ڪيل انتظامن بابت تفيلي بريفنگ ڏني. پرڏيهي وزير ڪانفرنس هال، وفدن جي سهولت لاءِ ٺاهيل ڪائونٽرز، ميڊيڪل سينٽر، ميڊيا سينٽر ۽ مختلف ميٽنگ رومز ڏٺا ۽ انتظامن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي پرڏيهي وزير چيو ته او آءِ سي ??رڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي غيرمعمولي اجلا?? جي ميزباني کي تمام وڏو اعزاز سمجهون ٿا. وزيراعظم عمران خان جي خاص هدايت تي مهما?? پرڏيهي وزيرن ۽ ٻين وفدن جي سهولت لاءِ هر ممڪن انتظامن کي يقيني بڻايو ويو آهي.