اسلام آباد – 10 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان نئون پاڪستان هائوسنگ اينڊ ڊيولپمينٽ اٿ??رٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) انور علي حيدر ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اٿ??رٽي جي چيئرمين وزيراعظم کي ملڪ ۾ جاري ر??ائشي منصوبن تي اڳڀرائي ک??ن آگاهه ڪيو. هن وزيراعظم کي اٿ??رٽي جي ايندڙ تعميراتي ۽ رهائشي منصوبن بابت پڻ ٻڌايو. وزيراعظم عمران خان رهائشي منصوبن تي اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪندي هدايت ڪئي ته سمورن منصوبن تي ڪم جي ر??تار کي تيز ڪيو وڃي ته جيئن ملڪ جي گهٽ ۽ وچولي آمدني وارن طبق کي سستي ر??ائش جي سهولت ملي سگهي.