اسلام آباد – 10 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وز??ر فرخ حبيب چيو آهي ته نواز شريف ته پاڻ ڪرپشن تي سزا جي ڪري جيل جي خوف کان ملڪ کان ٻاهر لڪل آهي، ان وقت عوام جو خيال نه ??يو ۽ هاڻي واڳون وارا ڳوڙها ڳاڙهي رهيا آهيو. اهڙن خيالن جو اظهار هن اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وز??ر فرخ حبيب مريم صفدر جي ٽوئيٽ تي ردعمل ڏيندي ڪيو. هن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته بي??ار?? جو ڪوڙو بهانو بڻائي نواز شريف لنڊن ۾ ڀڳوڙو ب??جي ويٺل آهي، توهان جي پنهنجي قول فعل ۾ تڪرار آهي. مملڪتي وز??ر چيو ته عوام جي وات مان گرهه کسي، ڦرلٽ ۽ مني لانڊرنگ ڪري ٻاهرئين ملڪ ملڪيتون ٺاهيندا رهيا آهيو. هن چيو ته ماڊل ٽائون ۾ عورتن جي وات ۾ گوليون هڻي شهيد ڪندا رهيا آهيو. فرخ حبيب چيو ته ان وقت عوام جو خيال نه ??يو ۽ هاڻي واڳو وارا ڳوڙها ڳاڙهي رهيا آهيو.