اسلام آباد – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مالي ۽ انتظامي اختيارن جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ مختلف منصوبن تي ڪم جي رفتار کي تيز ڪرڻ تي ڌيان ڏئي رهيا آهيون، گلگت بلتستان کي بهتر مواصلاتي سهولتن جي فراهمي جي لاءِ قدم کنيا وڃن. وزيراعظم گلگت بلتستان جي ٺوس ترقياتي منصوبي جي اڳڀرائي جو ??ائزو وٺڻ جي لاءِ اجلاس جي صدارت ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته اسان گلگلت بلتستان ۾ مختلف ترقياتي منصوبن تي ڪم جي رفتار کي تيز ڪرڻ تي ڌيان ڏئي رهيا آهيون ته جيئن انتظامي ۽ مالي اختيارن جي فراهمي کي يقيني بڻائي سگهجي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي ه??ايت ڪئي ته اهي ان سلسلي ۾ سمورين قانوني ۽ طريقيڪار ۾ ايندڙ رڪاوٽون ختم ڪن ته جيئن گلگت بلتستان جي ماڻهن کي سهولتون فراهم ڪري سگهجن جن کي پنهنجي مسئلن جي حل لاءِ اسلام آباد پهچڻ جي لاءِ ڊگهو فاصلو طئي ڪرڻو پوي ٿو. هن مقامي آبادي کي بهتر مواصلاتي سهولتن جي فراهمي لاءِ علائقي ۾ جلد کان جلد انٽرنيٽ رابطو فراهم ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. ان کان اڳ وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته جي بي جي لاءِ تاريخي 5 سالا ترقياتي پئڪيج تي عملدرآمد شروع ٿي چڪو آهي جنهن جو ??علان ان جي حڪومت هن سال جي شروع ۾ ڪيو هو. پئڪيج تحت 370 ارب رپيا مالي سال 26 – 2025ع تائين مختلف ترقياتي منصوبن جي لاءِ جي بي کي جاري ڪيا ويندا. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن محمد حماد اظهر، علي امين گنڊاپور، سيد امين الحق، ??ئر??سٽر فروغ نسيم، وزيراعظم جي خاص معاون ڊاڪٽر شهباز گل ۽ گلگت بلتستان جي وڏي وزير خالد خورشيد سميت لاڳاپيل سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي.