لاهور – 15 – سيپٽمبر (اي پي پي) خاتون اول بشريٰ بي بي پنجاب انسٽيٽيوٽ آف مينٽل هيلٿ لاهور جو دورو ڪيو، خاتون اول ان موقعي تي ايمرجنسي وارڊ سميت اسپتال ??ي ٻين شعبن جو دورو ڪيو ۽ اتي ذهني مرض ۾ مبتلا مريضن کي ڏنل سهولتن جو جائزو ورتو ۽ مريضن جي عيادت به ڪئي، اسپتال ??نتظاميه خاتون اول ??ي مريضن کي ڏنل سهولتن بابت بريفنگ ڏني، ان موقعي تي خاتون اول ??يف ايگزيڪيٽو ڊاڪٽر اشرف سان مريضن کي ڏنل سهولتن ۽ کاڌي پتي جي سهولتن بابت معلومات حاصل ڪئي، خاتون اول اسپتال ۾ ٺهيل بورچي خاني جو به دورو ڪيو ۽ مريضن کي ڏنو ويندڙ کاڌي جي معيار جو به جائزو ورتو، هن اسپتال ??نتظاميه کي هد??يت ڪئي ته مريضن کي علاج جي بهترين سهولتن سان گڏوگڏ کاڌي جي معيار کي وڌيڪ بهتر ??نا??و وڇي، هن انسٽيٽِيوٽ کي وڌيڪ سهولتون فراهم ڪرڻ جي هد??يت ڪئي، هن اسپتال ??نتظاميه کان پڇيو ته ڇا انسٽيٽيوٽ ۾ ڏنيون ويندڙ سهولتن مان مريض مطئمن آهن ۽ توهان ڪهڙي طرح ان کي وڌيڪ بهتر ٺاهي سگهو ٿا ان حوالي سان هن انتظاميه کي هد??يتون ڏنيون ته مريضن کي بهترين سهولتون ڏيڻ جي حوالي سان تحريري طور تي پنهنجون تجويزون فراهم ڪن، اسپتال ??نتظاميه خاتون اول ??ي ٻڌ??يو ته مريضن کي ناشتو، ٻنپهرن جو کاڌو، ميوا، شام جي چانهه، رات جي ماني ۽ ٻيون نيوٽريشن ڏنيون وينديون آهن ته جيئن انهن جي ذهني صحت کي مستحڪم بڻائي سگهجي، اسپتال ??نتظاميه ٻڌ??يو ته ايندڙ سال ??ون کان اڳ اسپتال ۾ شروع ڪيل منصوبا جن ۾ بلڊنگس جي تعمير سميت ٻيا منصوبا شامل آهن مڪمل ڪيا ويندا، هن اسپتال ??نتظاميه کي ڊرگس جي عادي مريضن جي بحالي تي خاص ڌيان ڏيڻ جي هد??يت ڪئي. خاتون اول اسپتال ۾ ذهني مريضن لاءِ قائم ڪيل مختلف بلاڪن جو به دورو ڪيو ۽ اتي انهن کي ڏني ويندڙ علاج جي سهولتن جي مڪمل معلومات حاصل ڪئي، ان موقعي تي هن انسٽيٽيوٽ آف مينل هيلٿ ۾ ٻوٽو به لڳايو.