اسلام آباد – پهرين جون (اي پي پي) پاڪستان ۽ ترڪيءَ جي وچ ۾ پارليامان?? لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي جڏهن ته پاڪستان جي ق??مي اسيمبلي ۽ ترڪيءَ جي گرينڊ نيشنل اسيمبلي جي وچ ۾ پروٽوڪول ۽ صحيحون پڻ ڪيون ويون. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سان پائيڪو ڪانفرنس ۾ شرڪت ج?? لاء?? آيل ترڪيءَ جي گرينڊ نيشنل اسيمبلي جي اسپيڪر مصطفيٰ سنٽوپ ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻطرفن لاڳاپن، پيڪو ڪانفرنس جي ڪردار کي فعال بڻائڻ ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.