اسلام آباد – 10 مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ماکيءَ جي پيداوار ۽ روانگي واپار وڌائڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته واپار واري وزارت سٺي معيار جي ماکيءَ عالمي منڊين تائين پهچائڻ ۽ م??رڪيٽنگ لاءِ قد?? کڻي، مگس باني کي سازگار ماحو?? فراهم ڪرڻ لاءِ قد?? ضروري آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن آل پاڪستان مگس باني ايسوسيئيشن جي وفد سان ملاقات دوران ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان ۾ ماکي جي پيداوار ۽ روانگي واپار وڌائڻ لاءِ قد?? کڻڻ جي ضرورت آهي. پاڪستان ??ي اعليٰ معيار جي ماکيءَ کي عالمي منڊين ۾ موڪلڻ ۽ م??رڪيٽنگ لاءِ واپار واري وزارت قد?? کڻي. هن چيو ته پاڪستان ۾ اعليٰ معيار جي ماکي جي پيداوار جي صلاحيت موجود آهي. مگس باني جي شعبي سان لاڳاپيل ماڻهن کي جديد رخن تي ??رب??ت جي ضرورت آهي. صدر عارف علوي چيو ته مگس باني کي سازگار ماحو?? فراهم ڪرڻ لاءِ قد?? کڻڻ ضروري آهن. وفد صدر کي مگس باني جي شعبي ۾ درپيش مسئلن کان ??گاهه ڪيو.