اسلام آباد – 07 مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جو عزم آهي ته ان کي پاڪستان کي نقصان پهچائيندڙن جو پيڇو ڪرڻو آهي، مهانگائي جي خلاف هن جهاد جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، شفاف چونڊن جي لاءِ اسان قدم کڻنداسين، معيشت جي استحڪام کانپوءِ ان جا ثمر هاڻي غريب عوام کي م??ندا، پئسي ۽ ڌوئنس جي سياست ڪندڙ عوام جي م??اد بدران پنهنجي ڪا??وبار ۽ ڪرپشن جي ڪيسن ۾ ريليف جي لاءِ ٻيهر اقتدار جو خواب ڏسي رهيا آهن، عمران خان کي اقتدار عزيز نه آهي. پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته وزيراعظم عمران خان قومي اسيمبلي مان اعتماد جو ڀرپور ووٽ ورتو، تحريڪ انصاف جمهوريت تي يقين رکي ٿي، وزيراعظم عمران خان ۽ تحريڪ انصاف جي سياست اقتدار ۽ اصولن تي آهي، ا??و ئي سبب آهي جو جڏهن سينيٽ ۾ جنرل سيٽ تي پئسو لڳائي پي ڊي ايم جو اميدوار کٽي ويو ته وزيراعظم عمران خان ايوان مان اعتماد جو ووٽ وٺڻ جو دليراڻو فيصلو ڪيو. هن چيو ته پي ڊي ايم ۾ اهي قوتون شامل آهن جن هن ملڪ جي اخلاقي قدرن کي برباد ڪيو هي پئسي م??ادن، ڌوئنس ۽ لالچ تي 1985ع کان سياست ۾ آيا، ا??هن کي ڪير سڃاڻيندو ئي نه هو، ا??هن سياست ۾ رشوت، پئسو ۽ مفاد کڻي اهڙي گروهه کي م??ي چاڙهيو جيڪو پاڪستان جي پاڙن ۾ ويهي رهيو، ادارن کي کوکلو ڪيو، ميرٽ جو قتلام ڪيو، پئسي جي زور تي پنهنجا هدف حاصل ڪرڻ انهن جو مشن هو، ا??هن جي حڪومتن ۾ ملڪ معاشي، اخلاقي، سماجي ۽ جمهوري طور تي ڪنگال ٿيو. اطلاعات واري وزير چيو ته پارليامينٽ جو مقصد عوام جي م??ادن جو تحفظ آهي، ذاتي م??ادن جو نه. هي ٽولو ڪهڙي طرح پنهنجي خلاف قانونسازي ڪندو، ا??هن پارليامينٽ کي ذاتي م??اد جي لاءِ استعمال ڪيو، ا??تدار ۾ اچي انهن اربين رپين جون ملڪيتون ٺاهيون. هڪ پارٽي روٽي، ڪپڙا، مڪان جو نعرو لڳايو جڏهن ته ٻئي طرف نواز شريف ۽ سندس حواري آهن جن جي ڪرپشن جا داستان عام آهن. انهن سياست کي ڪا??وبار جي لاءِ استعمال ڪيو. انهي سوچ ۽ طرزعمل وارن کي ??اڻ سان گڏ آندو جيڪي جمهوري عمل کي استعمال ڪندي ذاتي م??اد کڻندا رهيا. هن چيو ته 1997ع ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اسيمبلي ۾ ڪا سيٽ نه هئي، 2001ع ۾ هڪ جڏهن ته 2008ع جي چونڊن جو بائيڪاٽ ڪيو، 2013ع ۾ خيبرپختونخواهه ۾ پي ٽي آءِ جي حڪومت ٺهي، 2018ع ۾ وفاق ۾ پي ٽي آءِ کي اڪثريت ملي جڏهن ته خيبرپختونخواهه جي عوام ڪا??ڪردگي بنياد تي ٻيهر چونڊيو، اڄ 2021ع ۾ سينيٽ ۾ به تحريڪ انصاف وڏي پارٽي بڻجي سامهون آئي آهي.