پشاور – 13 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان سينيٽ اليڪشن ۾ ووٽ جي وڪري کي ختم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي، سينيٽ چونڊون شفاف ڪرائڻ تي مخال?? ڌر جو احتجاج سمجهه کان مٿي آهي، مخال?? ڌر پراڻو پاڪستان چاهي ٿي، جتي ضمير وڪرو ڪي?? وڃن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن صوبائي اليڪشن ڪميشن ۾ سينيٽ چونڊن جي لاءِ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چي?? ته حڪومت هڪ ٺوس طريقيڪار جوڙڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي ته جيئن ڪو به مستقبل ۾ چونڊن جي نتيجن جي ساک ۽ غيرجانبداري تي آڱر کڻڻ جي جرئت نه ڪري سگهي. هن چي?? ته آزاداڻي، منصفاڻي ۽ شفاف اليڪشن جمهوريت کي وڌڻ ويجهڻ ۽ جمهور?? ادارن کي مضبوط بڻائڻ جو اخلاقي بنياد مهيا ڪري ٿي ۽ حڪومت جا چونڊ سڌارا سينيٽ چونڊن سميت چونڊن جي ساک، غيرجانبداري ۽ شفافيت کي يقيني بڻائڻ ۾ مدد فراهم ڪن ٿا. هن چي?? ته چونڊ سڌارا آڻڻ جي لاءِ حڪومت جي ڪوششن جي حمايت ڪرڻ بدران مخال?? ڌر سينيٽ چونڊن ۾ کليل راءِ شماري جي مخالفت ڪري رڪاوٽون پيدا ڪري رهي آهي، جيڪو چونڊ عمل دوران هارس ٽريڊنگ ۽ بدعنواني جي حوصلا افزائي ڪرڻ جي برابر آهي. هن چي?? ته پيپلزپارٽي ۽ پي ايم ايل (ن) سميت مخال?? ڌر جون پارٽيون جن 2008ع ۽ 2013ع جي چونڊن کانپوءِ 10 سالن تائين ملڪ تي حڪمراني ڪئي، سينيٽ چونڊن دوران هارس ٽريڊنگ، بدعنواني ۽ وڪري ۽ ووٽ جي خريداري لاءِ چونڊ سڌارن جي لاءِ ڪو طريقيڪار تيار ڪرڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪيون آهن. هن چي?? ته مخال?? ڌر اڃا به چونڊ سڌارن جي خلاف ڪم ڪري رهي آهي جن جو مقصد سينيٽ چونڊن ۾ بدعنواني، ووٽن جي خريد ۽ وڪري ۽ هارس ٽريڊنگ جي امڪانن کي ختم ڪرڻ آهي جنهن جو ماضي ۾ مشاهدو ڪيو ويو آهي. هن چي?? ته حڪومت بدعنواني ۽ هارس ٽريڊنگ جي خاتمي لاءِ سينيٽ چونڊن دوران مخال?? ڌر کي اوپن بيلٽنگ جي آڇ ڪئي آهي پر ان اهم قانونسازي جي خلاف مخال?? ڌر جو ردعمل افسوس جوڳو آهي. هن چي?? ته آئون هڪ سوال پڇان ٿ?? ته پارليامينٽ يا صوبائي اسيمبلي ۾ ڪجهه ميمبرن جي نمائندگي رکندڙ سياسي پارٽي سينيٽ چونڊن ۾ ڪي??ن هڪ سيٽ کي محفوظ بڻائيندي، مخال?? ڌر ماضي مان سبق ناهي سکيو ۽ سينيٽ چونڊن ۾ سياسي وفاداري خريد ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي.