اسلام آباد – 16 – جنوري (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سان قومي اسيمبلي ۽ ڪشمير ڪميٽي جي ميمبر نورين فاروق ابراهيم ملاقات ڪئي جنهن ?? پرڏيهي معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو چيئرمين ملڪ محمد احسان الله ٽوانه، ڄمون ڪشمير خودمختياري موومينٽ جو چيئرمين راجا رجاوت ۽ ڪشمير ڪائونسل جو ميمبر يونس مير پڻ موجود هئا. ملاقات ۾ آل پارٽيز پارليام??ني گروپ قائم ڪر?? تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اسپيڪر چيو ??ه پارليام??ني گروپ ڪشمير مسئلي کي عالمي سطح تي اجاگر ڪر?? ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو.