اسلام آباد – 11 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپ??ڪر اسد قيصر چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ منفرد نوعيت جا دوستاڻا لاڳاپا دنيا جي لاءِ مثال آهن، ٻنهي دوست ملڪن ۾ لاڳاپا گڏيل احترام، اعتماد، مفادن ۽ اسٽريٽجڪ حصيداري تي هموار آهن، ٻنهي دوست ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا هر گذرندڙ ڏينهن سان گڏ مضبوط کان مضبوط ٿيندا رهيا آهن، هلندڙ مهيني دوران سي پيڪ تحت رشڪئي اڪنامڪ زون جو افتتاث ٿي رهيو آهي. اهڙ?? خيالن جو اظهار هن چين جي سفير نونگ رونگ سان ڳالهائيندي ڪيو ج??هن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻه طرفي لاڳاپن، اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.