اسلام آباد ??? 22 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل ملاقات ڪئي. صوبائي اسيمبلي ميمبر حليم عادل شيخ ۽ سيف الله نيازي پڻ ملاقات ۾ شريڪ هئا. وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب ملاقات ۾ ڪراچ?? ٽرانسفارميشن پلان بشمول ڪي فور منصوبي ت?? جلد عملدرآمد جي حوالي سان معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.