اسلام آباد – 14 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان القادر يونيورسٽي جي تعمير جو ڪم تيز ڪرڻ جي ??دايت ڪندي چيو آهي ته ڄاڻايل يونيورسٽي ۾ نوجوان نسل کي سيرت النبي صه جي ??ختلف رخن ۽ صوفين جي تعليم کان روشناس ڪرائڻ سان گڏوگڏ جديد تعليم جي ??ڻ منصوبابندي ڪئي وڃي ته جيئن شاگردن کي موجوده وقت جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ ??ي لاءِ مڪمل طور تي تيار ڪري سگهجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سيرت النبي صه ۽ صوفين جي تعليم جي ??روغ جي حوالي سان تعمير ڪئي ويندڙ القادر يونيورسٽي قائم ڪرڻ ۾ اڳڀرائي جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزي?? سينيٽر شبلي فراز، بئريسٽر علي ظفر، برگيڊيئر (ر) جميل سرور ملڪ ۽ ٻيا شريڪ هئا. وزيراعظم کي القادر يونيورسٽي قائم ڪرڻ ۾ هيستائين ٿيندڙ اڳڀرائي بابت تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب وزيراعظم عمران خان اسلامي قدرن ۽ صوفين جي تعليم جي ??روغ جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته معاشري جي اصل روح ۽ معاشرتي قدرن کي اجاگر ڪرڻ ??ي لاءِ ضروري آهي ته نوجوان نسل کي سيرت النبي صه جي ??ختلف رخن ۽ صوفين جي تعليم کان روشناس ڪرايو وڃي.