اسلام آباد – 17 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته پريس آفيسرن کي سڄي دنيا ۾ ملڪ جو نالو روشن ڪرڻ لاءِ سچي دل ۽ عزم سان پنهنجون ذميداريون سرانجام ڏيڻيون پونديون، نوان چونڊيل آفيسر ع??لم?? سطح تي پاڪستان جو مثبت تشخص اجا??ر ڪن جيڪو ملڪي ترقي لاءِ مددگار ثابت ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ٻاهرين ملڪ نون مقرر ٿيندڙ پريس اتاشين کي خطاب ڪندي ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان عائشه فاروقي به ان موقعي تي موجود هئي. اطلاعات واري وزير چيو ته حڪومتي قدمن ۽ ملڪي تشخص کي سڄي دنيا ۾ اجا??ر ڪرڻ ۾ اطلاعات واري وزارت جو اهم ڪردار آهي، اهو ڪردار حاضر دور جي چ??لي??جز کي نظر ۾ رکندي ۽ جديد ميڊيا جي رجحانن کي اختيار ڪندي ادا ڪرڻو پوندو.