ڪوئيٽا ??? 09 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪورونا رليف ٽائيگر فورس ۾ نوجوانن ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن جي ڀرپور شرڪت ۽ متاثر ماڻهن جي خدمت جو جذبو نهايت ??وصلي وارو آهي، آزمائش جي ان گهڙي ۾ ڀرپور عوامي خدمت جو جذبو وقت جي اهم ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم عمران خان پاڪستان تحريڪ انصاف جي بلوچستان سان تعلق رکندڙ پ??رليامينٽرين جي وفد سان ملاقات دوران ڪيو.