اسلام آباد – 27 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چي?? آهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڀارت ۾ بيههِ جهڙي ط??ح پاڪستان جي واکاڻ ڪئي ??هي ان سان ڀارت جو پاڪستان کي دهشتگردي سان جوڙڻ جي ڪوششن کي بري طرح شڪست ۽ وزيراعظم عمران خان جي بيانيي کي ڪاميابي ملي آهي، ڀارت پنهنجي ئي لڳايل نفرت جي باهه ۾ بري طرح سڙي رهي?? آهي. نجي ٽيلي ??يزن چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي خاص مددگار چيو ته ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي انتهاپسندي ۽ تعصباڻي نسل پرستي تي ٻڌل سوچ کڻي اڳتي وڌي رهي?? آهي، ڀارت ۾ مسلمانن تي ظلم دنيا جي سامهون ان جي نام نهاد جمهوريت پسنداڻي چهري کي داغدار ڪري ڇڏي?? آهي.