اسلام آباد – 26 نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ۾ پاڻي ۽ غذائي تحفظ جي بحران کي منهن ڏيڻ جي لاءِ بين الصوبائي رابطن جي ضرورت آهي، پاڪستان ۾ توانائي، پاڻي ۽ خوراڪ جي ضرورتن ک?? پورو ڪرڻ جي لاءِ واٽر پاليسي تي عملدرآمد جي ڏس ۾ صوبن جي وچ ۾ اتفاق راءِ ضروري آهي. هو چوٿين ڪراچي انٽرنيشنل واٽ?? ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو جنهن جو اهتمام حصار فائونڊيشن ڪيو هو. ان ڪانفرنس جو م??ضو?? پاڻي، توانائي ۽ غذا جو تعلق ۽ 21 هين صدي ۾ پاڪستان جي ايجنڊا آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چوٿين ڪراچي انٽرنيشنل واٽ?? ڪانفرنس جي م??ضو?? جي چونڊ کي ساراهيو.