نيويارڪ – 27 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ نيپال جي وچ ۾ ڊگهي مدي واري تعاون خاص طور تي واپاري، اقتصادي ۽ سياحت جي ??عبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي ??واهش جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل قومن جي ??نرل اسيمبلي جي 79هين اجلاس جي موقعي تي نيپال جي وزيراعظم ڪي پي شرما اولي سان ملاقات ڪئي آهي. ان موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪي پي شرما اولي کي نيپال جي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. هن پاڪستان ۽ نيپال جي وچ ۾ گهري ٻطرفن لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪندي پاڪستاني عوام پاران نيپال جي ??ڪومت ۽ عوام جي لا??ِ نيڪ خواهشن جو اظهار به ڪيو. وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڊگهي مدي واري تعاون خاص طور تي واپاري، اقتصادي ۽ سياحت جي ??عبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ??واهش جو اظهار ڪيو. وزيراعظم نيپال جي وزيراعظم ??ي پاڪستان جي ??وري جي ??عوت به ڏني. ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي ۽ علائقائي تعاون جي فروغ جي ??زم جو ورجاءُ به ڪيو.