اسلام آباد – 02 – جولائي (اي پي پي) پا??ستان ۽ بيلاروس جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت جو ڇهون دور اسلام آباد ۾ ٿيو. ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري (يورپ) سفير شفقت علي خان پا??ستان جڏهن ته بيلاروس پاران اول نائب پرڏيهي وزير سرگئي لوڪا شيوچ وفد جي قيادت ڪئ??. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ڌرين سياسي لاڳاپن، اعليٰ سطح جي مصر??في??ن ۽ ڳالهه ٻولهه، واپار ۽ سيڙپڪاري، فوجي ۽ سيڪيورٽي تعاون، تعليم ۽ عوام سان عوام جي رابطن بابت ٻطرفن لاڳاپن جو جائزو ورتو. پا??ستان بيلاروس لاڳاپن جي رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪندي هن گڏيل دلچسپي جي سمورن معاملن ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. ڌرين گڏيل قومن ۽ شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) سميت گهڻ رخي فورمز تي تعاون جاري رکڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. سفير سرگئي لوڪا شيوچ پرڏيهي سيڪريٽري محمد سائرس سجاد قاضي سان پڻ ملاقات ڪئ??. ملاقات ۾ ٻطرفي تعاون جي شعبن سميت اهم علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئ?? وئي. ان موقعي تي پرڏيهي سيڪريٽري گڏيل فائديمند تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ ۽ متنوع بڻائڻ جي پا??ستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.