بيجنگ – 05 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چين جي سرڪاري دو??ي جي ٻئي مرحلي ۾ چيني گادي واري شهر بيجنگ پهچ?? ويو. بيجنگ ڪيپيٽل انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي چين جي نائب پرڏيهي وزير سن ويڊونگ ۽ بيجنگ ۾ پاڪستاني سفارتخاني جي عملدارن وزيراعظم جو استقبال ڪيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ۽ ٻيا وفاقي وزير به وزيراعظم سان گڏ آهن. بيجنگ ۾ پنهنجي قيام دوران وزيراعظم چيني صدر، وزيراعظم ۽ نيشنل پيپلز ڪانگريس اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين سان ??دا جدا ملاقات ڪندو. چين ۽ پاڪستان ??ي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي حوالي سان ڪيترين ئي مفاهم?? جي يادداشتن تي پڻ صحيحون ٿينديون. وزيراعظم جون چين پاڪستان ??قتصادي لنگهه جي منصوبن ۾ ڪم ڪندڙ ڪمپنين جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسرن سان ملاقاتون پڻ ٿينديون.