اسلام آباد – 17 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ويزن تحت ملڪي معيشت کي ٻيهر پٽڙي تي آڻڻ جي لاءِ ??رعزم آهيون، موجوده حڪومت جي اقتدار سنڀالڻ کانپوءِ ??اڪستان جي معاشي ترقي ۾ تيزي آئي. اها ڳالهه هن پاڪستان ۾ مقرر جاپان جي سفير مٽسو هيرو واڊا سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. ملاقا?? ۾ ??طرفي سياسي لاڳاپن، ميڊيا جي شعبن ۾ تعاون، فيڪ نيوز، حڪومت جي معاشي قدمن سميت گڏيل دلچسپي جي اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ٻنهي ملڪن پاڪستان ۽ جاپان جي وچ ۾ تعاون جي دائري کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ تي اتفاق ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۽ جاپان جي وچ ۾ دوستي ۽ تعاون جو پراڻو رشتو قائم آهي، جاپان پاڪستان جو ??هم ترقياتي حصيدار آهي، مشڪل وقت ۾ جاپان جو ??عاون پاڪستان جي عوام جي لاءِ سدائين قابل قدر رهيو. هن چيو ته جاپان ا??ٽر??يشنل ڪوآپريشن ايجنسي (جائيڪا) پاڪستان جي ترقي ۾ مدد ڪري رهي آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير جاپان جي سفير کي حڪومت جي معاشي قدمن کان آگاهه ڪندي چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ويزن تحت ملڪي معيشت کي ٻيهر پٽڙي تي آڻڻ جي لاءِ ??رعزم آهيون. هن چيو ته حڪومت ٽيڪس نيٽ کي وڌائڻ جي لاءِ ايف بي آر ۾ سڌارن سميت ڪاروباري ماحول کي بهتر بڻائڻ ۽ سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ڪيترائي قدم کنيا آهن، ان کانسواءِ ??جي شعبي کي ڪاروبار ۾ سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ ??ڻ قدم کنيا پيا وڃن. وفاقي وزير چيو ته موجوده حڪومت جي اقتدار سنڀالڻ کانپوءِ ??اڪستان جي معاشي ترقي ۾ تيزي آئي، عالمي اخبارُون ۽ رسالا به پاڪستان جي معاشي ترقي ۾ وڌيڪ بهتري جي اڳڪٿي ڪري رهيا آهن. ملاقا?? ۾ ??يڪ نيوز جي تدارڪ ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ميڊيا جي شعبن ۾ لاڳاپن جي فروغ جي حوالي سان معاملا پڻ غور هيٺ آيا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پوري دنيا کي فيڪ نيوز جو وڏو چئلينج درپيش آهي، ان تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. ان موقعي تي جاپان جي سفير پاڪستان سان مضبوط لاڳاپن جي خواهش جو ??ظهار ڪيو. هن چيو ته پاڪستان حڪومت جي ڪاروباري طبقي جي سهولت لاءِ ??دم پاڪستان کي جاپاني سيڙپڪارن جي لاءِ ??ڌيڪ پرڪشش منزل بڻائيندا.