بيجنگ – 15 – مئي (اي پي پي) پاڪستان ۽ چين اعليٰ سطحي مٽاسٽا ۽ ٻطرفي مشاورتي طريقيڪار جي ذريعي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي ??زم جو ورجاءُ ڪيو آهي جڏهن ته ٻنهي ملڪن چين پاڪستان اقتصادي لنگهه منصوبي جي ٻئي مرحلي ۾ اعليٰ معيار جي ترقي کي اڳتي وڌائڻ جي ??زم جي پڻ تجديد ڪئي جنهن ۾ ترقي ۽ روزگار ۽ گرين ڪوريڊور سميت 5 لنگهن تي ڌيان ڏنو ويندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ڪالهه اربع ڏينهن هڪ بيان ۾ چيو ته نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار بيجنگ ۾ سي پي سي جي مرڪزي ڪميٽي جي پولٽ بيورو جي ميمبر ۽ پرڏيهي وزير وانگ يي سان چين پاڪستان اسٽريٽجڪ ڊائيلاگ جي پنجين دور جي گڏيل صدارت ڪئي. ٻنهي طرفن ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو ورتو ۽ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ??ي وٺ ڪئي. چين پاڪستان ”آل ويدر اسٽريٽجڪ ڪوآپريٽو پارٽنرشپ“ جو ذڪر ڪندي نائب وزيراعظم چين سان لاڳاپن کي پاڪستان جي پرڏيهي پالسي جو سنگ بنياد قرار ڏنو. هن ڄمون ۽ ڪشمير تي ڀارت جي غ??رقانوني قبضي جي ڪري علائقائي ا??ن ۽ سلامتي کي درپيش خطرن کي اجاگر ڪيو ۽ ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار تي چين جي اصولي موقف کي ساراهيو.