اسلام آباد – 24 – مئي (اي پي پي) پاڪستان آئرلينڊ، اسپين ۽ ناروي پاران فلسطين جي رياست کي ت??ليم ڪرڻ جي اعلان جي آجيان ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ت??جمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته اسان بهاماس، ٽرينيڊاڊ ۽ ٽوباگو، جميڪا ۽ بارباڊوس پاران فلسطين کي ت??ليم ڪرڻ جي ت??زي اعلانن جي پڻ آجيان ڪريون ٿا. اهي ت??زا اعلان فلسطيني عوام جي انهن جي ختم نه ٿيڻ جوڳي خودمختياري جي حق لاءِ ڏهاڪن کان جاري جدوجهد ۾ هڪ سنگ ميل آهن. هن چيو ته غزه جي نسل ڪشيءَ ۽ اتان جي سنگين انساني صورتحال هڪ آزاد ۽ خودمختيار فلسطيني رياست قائم ڪرڻ طرف وڌڻ جي سخت ضرورت تي زور ڏنو آهي جنهن جي گادي وارو شهر القدس الشريف هجي. ترجمان چيو ته رياست لفسطين کي هاڻي گڏيل قومن جي ميمبر ملڪن جي وڏي اڪثريت تسليم ڪيو آهي، تنهن ڪري هاڻي وقت اچي ويو آهي ته فلسطين کي گڏيل قومن ۽ ٻين عالمي تنظيمن ۾ مڪمل ميمبرشپ فراهم ڪئي وڃي جيئن ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي پنهنجي ت??زي قرارداد ۾ مطالبو ڪيو هو. هن چيو ته اسان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کان انهن وڌن??ڙ عالمي جذبن جو مثبت جواب ڏيڻ جي لاءِ پنهنجي مطالبي ??و ورجاءُ ڪريون ٿا.