اسلام آباد – 03 – مئي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ٽيڪس ??ا??ون ترميمي بل 2024ع جي منظوري ڏئي ڇڏي. صدر ٽيڪس ??ا??ون ترميمي بل 2024ع جي منظوري آئين جي آرٽ??ڪل 75 تحت ڏني. ترميمي بل جو مقصد ٽيڪسن ۽ ڊيوٽيز بابت قانونن ۾ ترميم آڻڻ آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب ترميمي بل جي ذريعي سيلز ٽيڪس ايڪٽ 1990ع ??ي سيڪشن 30 ڊي ڊي ڊي، 43 بي، 45 بي، 46 ۽ 47 ۾ ترميم ڪئي وئي آهي. ترميمي بل جي مدد سان وفاقي ايڪسائيز ايڪٽ 2005ع ??ي سيڪشن 29، 33، 34 ۽ 38 ۾ ترميم ڪئي وئي آهي. ترميمي بل جي ذريعي انڪم ٽيڪس آرڊيننس 2001ع ??ي سيڪشن 122 اي، 124، 126 اي، 130، 131، 132، 133 ۽ 134 اي ۾ ترميم ڪئي وئي آهي. ٽيڪس ??ا??ون ترميمي بل 2024ع قومي اسيمبلي مان 29 اپريل تي پاس ٿيو هو. صدر ترميمي بل جي منظوري وزيراعظم جي ايڊوائيس تي ڏني.