اسلام آباد – 19 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي و??ير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته اسلامي نظرياتي ڪائونسل جون سالياني رپورٽون ٻنهي ايوانن ۾ پيش ڪيون ويون آهن، پارليامينٽ مان اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي سفارشن تي عملدرآمد بابت حڪمت عملي ملڻ تي عملدرآمد ڪيو ويندو. سينيٽ جي اجلاس ۾ سينيٽر مشتاق جي رٿ تي بحث سهيڙيندي نگران وفاقي و??ير مرتضيٰ سولنگي چيو ته آرٽيڪل 230 (4) تحت اسلامي نظرياتي ڪائونسل جون سالياني رپورٽون پارليامينٽ جي ٻنهي ايوانن ۾ پيش ڪيون ويون آهن، انهن رپورٽن جا تفصيل اڳ ۾ ئي ايوانن ۾ موجود آهن، ح??ومت پاران اها ذميواري پوري ڪئي و??ي آهي. هن چيو ته حڪومت کي پارليامينٽ پاران انهن رپورٽس تي عملدرآمد جي حوالي سان ڪي هدايتون ناهن مليون، ان ڳالهه جي خاطري ڪائي وڃي ٿي ته پارليامينٽ پاران جڏهن به ڪا حڪمت عملي ملندي، ح??ومت رولز آف بزنس 1973ع موجب ان حڪمت عملي تي عملدرآمد ڪرائيندي.