اسلام آباد – 15 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته هر سياسي پارٽي پنهنجي آئين تحت انٽر?? پارٽي چونڊون ڪرائڻ جي پاب??د آهي، ملڪ سان گڏوگڏ سياسي پارٽين جي اندر به جمهوريت ضروري آهي، نگران حڪومت آئين تحت پنهنجون ذميواريون پوري ڪري هي آهي ۽ بنيادي طور تي ٻن چ??نڊيل حڪومتن جي وچ ۾ پُل جو ڪردار ادا ڪري ٿي، چونڊون منعقد ڪرڻ ۾ اليڪشن ڪميشن جي ڀرپور معاونت ڪنداسين، چونڊون 8 فيبروري 2024ع تي ٿ??ند??ون، هر شهري پنهنجي ضمير موجب ووٽ جو حق استعمال ڪري، رياستي ميڊيا تي سمورين سياسي پارٽين کي هڪ جهڙي ڪوريج ڏني پئي وڃي، تصديق ڪري عوام تائين سچ پهچائڻ اسان جي ذميواري ۾ شامل آهي. پاڪستان ٽيليويزن جي پروگرام ”ووٽ پاڪستان“ ۾ ڳالهائ??ند?? اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته تنقيد جمهوريت ۽ ڪنهن به معاشري جي لاءِ ضروري آهي، ڪنهن کي تنقيد جي حق کان محروم نه ٿو ڪري سگهجي، نگران حڪومت آئين موجب پنهنجون ذميواريون ادا ڪري رهي آهي ۽ بنيادي طور تي ٻن چ??نڊيل حڪومتن جي وچ ۾ پُل جو ڪردار ادا ڪري ٿي. هن چ??و ته آئين جي آرٽيڪل 218 (3) تحت پرامن، شفاف، غيرجانبداراڻيون ۽ منصفاڻيون چ??نڊون ڪرائڻ جي ذميواري اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي آهي، نگران حڪومت اليڪشن ڪميشن کي مالي، انتظامي ۽ سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ جي ذميوار آهي. هن چ??و ته چونڊون منعقد ڪرڻ ۾ اليڪشن ڪميشن جي معاونت ڪنداسين، چونڊون خميس ڏينهن 8 فيبروري 2024ع تي ٿ??ند??ون. هن چ??و ته هر شهري پنهنجي ضمير موجب ووٽ جو حق استعمال ڪري. هڪ سوال تي هن چ??و ته پيپلزپارتي، مسلم ليگ (ن)، مولانا فضل الرحمان، ليول پليئنگ جي شڪايت ڪري رهيا آهن، 2013ع جي چونڊن ۾ به ڪيترين ئي پارٽين کي ليول پليئنگ فيلڊ جي شڪايت هئي. هن چ??و ته رياستي ميڊيا تي سمورين سياسي پارٽين کي هڪ جهڙي ڪوريج ڏني پئي وڃي. هڪ سوال تي هن چ??و ته پي ٽي آءِ جي اندروني چونڊن جو جهيڙو هڪ ڏهاڪو پراڻو آهي، 2013ع جي عام چونڊن کان اڳ پي ٽي آءِ جون پهريون ڀيرو انٽر?? پارٽي چونڊون ٿيون هيون. هن چ??و ته هر سياسي پارٽي پنهنجي آئين موجب انٽر?? پارٽي چونڊون ڪرائڻ جي پاب??د آهي، پي ٽي آءِ جي انٽر?? پارٽي چونڊن تي اليڪشن ڪميشن پاڻمرادو نوٽيس نه ورتو هو پر ان وٽ شڪايت وئي هئي. هن چ??و ته انٽر?? پارٽي چونڊن جي حوالي سان تازي عدالتي فيصلي سان هڪ قانوني نظير قائم ٿي آهي، ان فيصلي سان ٻين پارٽين جي اندر جمهوريت جي لاءِ راهه هموار ٿ??ند??. هن چ??و ته ملڪ سان گڏوگڏ سياسي پارٽين جي اندر به جمهوريت ضروري آهي. هڪ سوال تي هن چ??و ته پاڪستان ٽيليويزن ۽ ريڊيو پاڪست??ن عوام جي ٽيڪسن سان هلندڙ ادارا آهن، اسان جي جانبداري پاڪستان جي عوام سان گڏ آهي، عوام تائين تصديق ڪري سچ پهچائڻ اسان جي ذميواري ۾ شامل آهي. هن چ??و ته اسان جو ڪم روشني آڻڻ آهي، ڌُنڌ آڻڻ نه آهي، گذريل 5 مهينن جي اندر اسان سياسي ۽ معاشي حالتن کي بهتر ڪيو آهي، عوام سان اسان جو واعدو آهي ته جنهن حالت ۾ ملڪ اسان کي مليو هو ان کان بهتر حالت ۾ اڳئين چ??نڊيل حڪومت کي ڏئي وينداسين.