اسلام آباد – 01 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ حريت ڄمون ۽ ڪشمير کي پنج سال جي مدي لاءِ ”غيرقانوني تنظ??م“ قرار ڏيڻ جي ڀا??تي عملدارن جي فيصلي جي شديد ??ذمت ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب تحريڪ حريت ڄمون ۽ ڪشمير ٻي ڪشميري پارٽي آهي جنهن کي ڀا??ت غيرقانوني سرگرمين جي (روڪٿام) ايڪٽ تحت هڪ هفتي کان به گهٽ عرصي ۾ ڪالعدم قرار ڏنو آهي، ان تي پابندي کانپوءِ ڀا??ت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڪالعدم ڪشميري سياسي پارٽين جو انگ 6 ٿي ويو آهي. بيان موجب تحريڪ حريت ڄمون ۽ ڪشمير جو بنياد ناليواري ڪشميري اڳواڻ سيد علي شاهه گيلاني رکيو هو جنهن جو 2021ع ۾ ڊگهي نظربندي دوران لاڏاڻو ٿي ويو هو. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته قابض عملدارن سندس ميت کي بي رحمي سان کسي ورتو ۽ ان جي ويجهي مائٽن کي سندس جنازي ۾ شرڪت جي اجازت نه ڏني وئي. ترجمان چيو ته سياسي پارٽين تي پابندي ڪشميري عوام کي محڪوم بڻائڻ، اختلاف راءِ کي دٻائڻ ۽ ڀا??ت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير تي پنهنجي قبضي کي مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ ڀا??ت جي ڪڌي مهم جو حصو آهي، اهي ڪا??روايون جمهوري اصولن ۽ ??ال??ي انساني حقن سميت انساني قانونن جي واضح خلاف ورزي آهن. بيان موجب ڀا??ت کي والاريل ڪشمير ۾ غيرقانوني طور تي ڪالعدم قرار ڏني ويندڙ سمورين سياسي پارٽين تان پابندي هٽائڻ گهرجي، ڪشميري عوام جي بنيادي حقن ۽ آزادين جو احترام ڪرڻ گهرجي، سمورن سياسي قيدين کي آزاد ۽ ڄمون ۽ ڪشمير بابت گڏيل قومن جي سلامتي ڪا??ونسل جي قراردادن تي عملدرآمد ڪرڻ گهرجي.