اسلام آباد – 30 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري ن??را?? وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آه?? ته واپاري برادري ڪاروبار کي فروغ ڏئي معيشت جي ترقي ۾ ??هم ڪردار ادا ڪري رهي آه??. اها ڳالهه هن اسلام آباد چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي عهديدارن سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. ملاقات ۾ ملڪ ۾ ڪاروباري سرگرمين جي فروغ سميت ٻين ??هم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. اطلاعات واري ن??را?? وفاقي وزير چيو ته ن??را?? حڪومت اسلام آباد چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري کي هر قسم جي مدد فر??هم ڪندي. هن چيو ته چيمبر جي تعاون سان بزنس ڪميونٽي جي ??هم مسئلن کي حل ڪرائڻ جي لاءِ هر ممڪن تعاون ڪيو ويندو. هن چيو ته ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري سان ئي معيشت مضبوط ٿئي ٿي. ملڪي ترقي ڪاروباري طبقي جي خوشحالي سان ئي ممڪن آه??. هن چيو ته روانگي واپار کي وڌائڻ جي لاءِ پاليسي سازي ۾ ڪاروباري طبقي جي راءِ کي اهميت ڏيڻي پوندي.