اسلام آباد – 12 – آڪ??وب?? (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي قائداعظم يونيورسٽي جي ??ختلف شعبن ۾ ٽاپ پوزيشن هولڊرز کي ميڊلز ۽ ڪامياب شاگردن کي ڊگريون ڏنيون، 10 هين ڪانووڪيشن 2023ع جو انعقاد ڪنوينشن ??ين??ر اسلام آباد ۾ ٿيو، يونيورسٽي جي ڪل 7738 شاگردن ۾ ڊگريون ورهايون ويون. 36 شاگردن کي چانسلر ميڊلز جڏهن ته 232 شاگردن کي وائيس چانسلر ميڊلز ڏنا ويا. قائداعظم يونيورسٽي جي ??يڪلٽي آف سوشل سائنسز 2345، فيڪلٽي آف بائيولاجيڪل سائنسز 2218 ۽ فيڪلٽي آف سوشل سائنسز 3175 شاگردن کي بي ايس، ايم ايس سي، ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي جون ڊگريون ڏنيون ويون. ان موقعي تي تعليم واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته پاڪستان حڪومت جي ??اليسي آهي ته تعليم کي هر سطح تي فروغ ڏنو وڃي ۽ آئون تحقيق ۽ تعليم جي ??سيلن جي ??اءِ حڪومتي حمايت جو يقين ڏياريان ٿو. هن تعليمي ادارن ۾ بنيادي سهولتن جي کوٽ جو ذڪر ڪندي چيو ته تعليم جي ??عيار کي بهتر ??ڻائڻ جي ??اءِ بنيادي سهولتن جي ??راهمي انتهائي ضروري آهي. ان موقعي تي هن ٽيڪنيڪل تعليم جي اهميت تي پڻ روشني وڌي. تقريب کي خطاب ڪندي قائداعظم يونيورسٽي جي ??ائيس چانسلر ڊاڪٽر نياز احمد اختر چيو ته يونيورسٽي جي عالمي درجابندي کي بهتر ??ڻائڻ، پنهنجي ??سيلن ۽ صلاحيتن کي پوري طرح سان استعمال ۾ آڻيندي دنيا جي ??اپ 200 يونيورسٽين ۾ پوزيشن حاصل ڪرڻ اسان جي ??دفن مان هڪ آهي. ان کانسواءِ اسان جو مقصد ڪئمپس سروسز ۽ انتظامي عمل ۾ ڊيجيٽل سسٽم کي لاڳو ڪرڻ آهي. سندس چوڻ هو ته يونيورسٽي پنهنجي تعليمي پروگرامن جو نئين سر جائزو وٺي رهي آهي ته جيئن موثر شعبن جي ??شاندهي ڪندي انهن کي نوڪرين جي گهرج سان هم آهنگ ڪري سگهجي. هن وڌيڪ چيو ته اسان پنهنجي سڃاڻپ کي علمي معيشت جي ??ونيورسٽي ۾ تبديل ڪرڻ وڃي رهيا آهيون. وائيس چانسلر يونيورسٽي جي 10 هين ڪانووڪيشن جي ڪامياب انعقاد تي استادن ۽ عملي سميت ڊگريون حاصل ڪندڙ سمورن معزز شاگردن کي دلي مبارڪباد ڏني.