اسلام آباد – 19 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي بيروز??ار??، معاشري ۾ بيچيني جي وڌندڙ سطح، خصوصي ماڻهن جي لاءِ موقعن تائين پهچ کي بهتر بڻائڻ ۽ ڪاروبار ۽ روزگار ۾ عورتن جي شرڪت کي وڌائڻ جهڙن چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. هن ڪراچي ۾ ڪراچي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري (ڪي سي سي آئي) جي هڪ وفد سان ملاقات ۾ ملڪ ۾ سماجي ۽ اقتصادي چئلينجن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ رضاڪاراڻي خدمتن ۽ چيمبرز، بئنڪنگ سيڪٽر ۽ سول سوسائٽي جي فعال شموليت جي اهميت تي زور ڏ??و. ??يوان صدر پاران جاري هڪ پڌرائي موجب صدر زور ڏنو ته ڪاروباري برادري کي سماجي شعبن کي اڳتي وڌائڻ ۽ ضرورتمندن جي مدد ڪري پنهنجي ڪارپوريٽ سماجي ذميواري کي پورو ڪر?? ۾ ڪردار ادا ڪر?? گهرجي. هن ان ڳالهه تي روشني وڌي ته سرڪاري ۽ نجي شعبن جي وچ ۾ گڏيل تعاون سان ماڻهن جي زندگين ۾ خاص طور تي سماجي قدمن جي دائري ۾ مثبت تبديلي اچي سگهي ٿي. صدر هڪ جامع معاشري جي جوڙجڪ تي زور ڏنو جتي سماجي ۽ اقتصادي سرگرمين ۾ عورتن جي شرڪت کي فعال طور تي فروغ ڏئي سگهجي. هن ڪراچي چيمبر جي ميمبرن تي زور ڏنو ته اهي عورتن کي مستقبل جو صنعتڪار بڻجڻ، انهن ۾ اعتماد جي فروغ ۽ انهن کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ انهن جي حمايت ۽ حوصلا افزائي ڪن. وڌيڪ اهو ته هن انساني ترقي جي اهميت تي زور ڏنو ۽ ڪاروباري برادري کي عورتن ۽ خصوصي ماڻهن جي لاءِ روزگار جا وڌيڪ موقعا پيدا ڪر?? جو مش??رو ڏ??و. ??در عورتن جي لاءِ بئنڪ اڪائونٽ کولڻ ۽ مالياتي ڏيتي ليتي ۾ سهولت فراهم ڪر?? تي انفارميشن ٽيڪنالاجي جي مثبت اثرن کي تسليم ڪيو. هن عورتن کي ڪم جي جڳهه تي سازگار ماحول فراهم ڪر?? ۾ ڪاروباري برادري جي ڪردار تي زور ڏ??و. ??در ڪارپوريٽ سيڪٽر تي اهو به زور ڏنو ته هو پنهنجي ڪارڪنن جي ڀلائي ۽ ماحولياتي تحفظ کي ترجيح ڏي ته جيئن ايندڙ نسل جي لاءِ هڪ بهتر دنيا کي يقيني بڻائي سگهجي. بئنڪنگ سيڪٽر جي ڪارڪردگي جي حوالي سان صدر علوي گذريل ٽن سالن ۾ ان جي ڪاميابين کي ساراهيو. هن چيمبرز تي زور ڏنو ته اهي صنعت جي اندر 20 کان 25 سيڪڙو عورتن کي نوڪرين جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ فاسٽ ٽريڪ مڪينزم تيار ڪن. هن ملڪ جي ڪجهه بئنڪن کي ساراهيو جن 30 سيڪڙو عورتن کي قابل ذڪر روزگار فراهم ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي وڏن قدرتي ۽ انساني وسيلن جو حوالو ڏيندي چيو ته هو پاڪستان جي صلاحيت بابت پراميد آهي. هن ڪراچي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري تي زور ڏنو ته اسپتالن، شاپنگ پلازائن ۽ صنعتن تائين خصوصي ماڻهن جي پهچ کي آسان بڻائڻ جي لاءِ ريمپس جي تعمير جهڙا قدم کنيا وڃن.